Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 12:43 - Muslim Sindhi Bible

43 پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ ”عيد فصح جا قاعدا هي آهن. بني اسرائيل کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ماڻهو عيد فصح جي ماني نہ کائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

43 پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ فسح جو قاعدو هيءُ آهي، تہ ڪوبہ ڌاريو ماڻهو انهيءَ مان نہ کائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 12:43
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيتوڻيڪ افرائيم، منسي، اِسڪار ۽ زبولون قبيلي وارن مان گھڻن ئي ماڻهن پاڻ کي پاڪ نہ ڪيو هو، تنهن هوندي بہ شريعت جي برخلاف هنن عيد فصح کاڌي. پر حزقياہ بادشاهہ هنن لاءِ دعا گھري تہ ”اي ڀلارا خداوند! تون انهن سڀني ماڻهن کي معاف ڪر


بني اسرائيل مان هر ڪو اهو هن طرح کائي جو سفر لاءِ سندس سندرو ٻڌل هجي، سندس پيرن ۾ جتي هجي ۽ هٿ ۾ لٺ هجيس. هر ڪو اهو تڪڙ ۾ کائي وٺي. اها فصح نالي پاڪ عيد آهي، جيڪا آءٌ خداوند مقرر ڪريان ٿو.


جيڪڏهن ڪو ڌاريو توهان وٽ رهي ٿو ۽ هو خداوند جي هن عيد فصح ۾ شريڪ ٿيڻ چاهي ٿو، تہ پهريائين سندس گھر جا سڀيئي مرد طهر ڪرائين، پوءِ هو ويجھا اچي عيد فصح ۾ شريڪ ٿين. اهڙيءَ طرح هو اوهان جي ملڪ ۾ ڄاول ماڻهوءَ جهڙا ليکجڻ ۾ ايندا. پر ڪوبہ اڻ‌طهريل ماڻهو عيد فصح جي ماني کائي نہ ٿو سگھي.


اوهان منهنجي لاءِ پيش ڪيل خوراڪ يعني قربانين واري چرٻي ۽ رت پيش ڪرڻ وقت پاڻ سان گڏ مون کي نہ مڃيندڙ اڻ‌طهريلن ماڻهن کي منهنجي مقدس هيڪل جي چوديواريءَ اندر وٺي آڻي منهنجي هيڪل کي پليت ڪيو آهي. اوهان پنهنجا اهڙا ڪراهت جهڙا ڪم ڪري مون سان ٻڌل عهد کي ٽوڙي ڇڏيو آهي.


ڪاهن گھراڻي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ماڻهو، پوءِ اهو ڪاهن وٽ رهندڙ مهمان هجي يا ڪو مزدور، سو انهن مخصوص قربانين مان ڪجھہ بہ نہ کائي.


پر جيڪڏهن ڪنهن ڪاهن جي ڌيءَ رن‌زال يا طلاق ڏنل هجي ۽ کيس اولاد نہ هجي، پوءِ هوءَ پنهنجي ننڍپڻ وانگر موٽي اچي پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ رهندي هجي، تہ اها ڀلي پنهنجي پيءُ جي مليل کاڌي مان کائي. پر ڪاهن گھراڻي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ماڻهو انهيءَ مان اصل نہ کائي.


جيڪڏهن ڪو ڌاريو اوهان ۾ رهندو هجي ۽ هو عيد فصح ملهائڻ گھري تہ هو انهيءَ جا سمورا قاعدا قانون بجا آڻي. سڀني جي لاءِ هڪڙو ئي قاعدو آهي، جهڙو بني اسرائيل لاءِ تهڙو ڌارئي لاءِ.‘“


اڳي اوهين مسيح کان ڌار، بني اسرائيل جي جماعت کان ٻاهر ۽ خدا جي ٻڌل عهدن کان اڻ‌ڄاڻ هئا. اوهين هن دنيا ۾ خدا کان جدا ۽ نااميديءَ واري زندگي گذاريندا هئا.


تڏهن خدا جو هڪڙو ٻانهو عيليءَ وٽ آيو ۽ کيس خداوند جو هي فرمان ٻڌايائين تہ ”ڇا جڏهن تنهنجي ڏاڏي هارون جو گھراڻو مصر ۾ فرعون جي غلاميءَ ۾ هو، تڏهن مون هارون کي ڏيکاري نہ ڏني هئي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ