Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 12:42 - Muslim Sindhi Bible

42 اها ئي رات هئي جڏهن خداوند بني اسرائيل کي پنهنجي نگهبانيءَ ۾ مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو. هيءَ ئي رات آهي جا خداوند لاءِ وقف ٿيل آهي ۽ اها سڄي بني اسرائيل کي سندن سڀني پيڙهين تائين ملهائڻي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

42 خداوند انهن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، تنهنڪري اُها رات سندن لاءِ جاڳرتي جي رات آهي: هيءَ خداوند جي اُها رات آهي جا سڀني بني اسرائيلين کي سندين سڀني پيڙهين تائين ياد رکڻي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 12:42
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن ئي مصرين جي وچ مان هو بني اسرائيل کي ٻاهر ڪڍي آيو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.


اهو ڏينهن بني اسرائيل کي هميشہ ياد رهي، بلڪ هو ان کي مون خداوند جي عيد جو ڏينهن سمجھي ملهائين ۽ هر سال پيڙهي بہ پيڙهي انهيءَ ڏينهن تي عيد ڪندا رهن.“


تنهنڪري توهين انهيءَ قانون تي مقرر ڪيل وقت تي هر سال عمل ڪندا رهجو.


پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”هن ڏينهن کي ياد رکجو. هن ئي ڏينهن اوهين مصر کان ٻاهر آيا، انهيءَ جاءِ کان جتي اوهين غلام هئا. هي اهو ئي ڏينهن آهي جڏهن خداوند پنهنجي زبردست قدرت سان اوهان کي اتان ٻاهر ڪڍي آيو. سو هن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي.


اوهين بي‌خميري مانيءَ جي عيد ڪندا رهجو. جيئن مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي تيئن ابيب مهيني ۾ مقرر ڪيل وقت تي ست ڏينهن اوهين جيڪا ماني کائو تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي، ڇاڪاڻ تہ ابيب مهيني ۾ اوهين مصر مان ٻاهر نڪتا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ