26 پوءِ جڏهن اوهان جو اولاد اوهان کان پڇي تہ ’انهيءَ رسم مان اوهان جو ڪهڙو مقصد آهي؟‘
26 ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اوهان جو اولاد اوهان کي چوي تہ هن عبادت جو مطلب ڪهڙو آهي؟
هڪڙي پيڙهي ٻي پيڙهيءَ سان تنهنجي ڪمن جي تعريف پيئي ڪندي، هائو، اهي تنهنجي قدرت وارن ڪمن جو بيان ڪندا رهندا.
اي خدا! اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کان پنهنجي ڪنن سان ٻڌو آهي، تہ تو سندن ڏينهن ۾ ڪيڏا نہ عجيب وَ غريب ڪم ڪيا هئا.
هن ڪري بہ تہ تون پنهنجي پٽ ۽ پوٽي کي ٻڌائي سگھين تہ مون مصر ۾ ڪهڙا نہ ڪم ڪيا ۽ اتي جي ماڻهن کي ڪهڙا معجزا ڏيکاريا اٿم، انهيءَ لاءِ تہ اوهان سڀني کي خبر پوي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“
جڏهن اوهين انهيءَ ملڪ ۾ داخل ٿيو، جنهن جي ڏيڻ جو خداوند اوهان سان واعدو ڪيو هو، تڏهن اوهين اها رسم ادا ڪندا رهجو.
ڏينهن جي وقت اهو ڪڪر جو ٿنڀو ۽ رات جي وقت باهہ جو ٿنڀو، انهن ماڻهن جي اڳيان ڪڏهن بہ گم ڪونہ ٿيندو هو.
جيئرا، هائو، جيئرا ئي تنهنجي واکاڻ ڪندا، جيئن آءٌ اڄ ڪري رهيو آهيان. هر پيڙهي پنهنجي ايندڙ پيڙهيءَ کي تنهنجي وفا جا ڪم بيان ڪري ٻڌائيندي.
اي پيئرؤ! اوهين پنهنجن ٻارن کي چڙ ڏياري ڪاوڙايو نہ، بلڪ کين اهڙي تربيت ۽ نصيحت ڏيئي سندن پالنا ڪريو جيڪا خداوند عيسيٰ کي پسند هجي.
اهي اوهين پنهنجي اولاد کي سيکارجو، گھر ۾ ويهندي، واٽ ويندي، سمهندي ۽ اٿندي انهن جو ذڪر ڪندا رهجو.
اوهين ماضيءَ کي ياد ڪريو ۽ اڳين پيڙهين تي غور ڪريو، پوءِ پنهنجي والدين کان پڇو تہ هو اوهان کي سمجھائين، هائو، پنهنجي بزرگن کان پڇو، جيڪي اوهان کي ماضيءَ جو احوال ڏين.
ايندڙ زماني ۾ جڏهن اوهان جا ٻار اوهان کان پڇن تہ ’هي حڪم ۽ قاعدا قانون جيڪي خداوند اسان جي خدا اوهان کي ڏنا آهن، تن جو مطلب ڇا آهي؟‘
اهي اوهين پنهنجي اولاد کي سيکاريو. گھر ۾ ويهندي، واٽ ويندي، سمهندي ۽ اٿندي انهن جو ذڪر ڪندا رهو.