Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 12:23 - Muslim Sindhi Bible

23 جڏهن خداوند مصرين کي مارڻ لاءِ ملڪ مان لنگھندو ۽ در جي ٻنهي ٻانهين ۽ سردرن تي رت ڏسندو، تڏهن خداوند انهيءَ در کي ڇڏي لنگھي ويندو. هو موت جي فرشتي کي اوهان جي گھرن ۾ اوهان کي مارڻ لاءِ اچڻ ڪين ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ڇالاءِ جو خداوند مصرين جي مارڻ لاءِ لنگهندو؛ ۽ جڏهن هو سردرن ۽ ٻانهين تي رت ڏسندو، تڏهن خداوند انهيءَ در کي ڇڏي لنگهي ويندو، ۽ تباهي آڻڻ واري کي اوهان جي گهرن ۾ اچڻ ڪين ڏيندو تہ اچي اوهان کي ماري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 12:23
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ملائڪ جڏهن يروشلم جي تباهيءَ لاءِ ان ڏانهن پنهنجو هٿ ڊگھيريو، تڏهن خداوند کي انهن جي مصيبت تي ترس اچي ويو. سو جنهن ملائڪ ماڻهن کي ماريو پئي تنهن کي چيائين تہ ”بس، هاڻي پنهنجو هٿ جھل.“ ان وقت خداوند جو ملائڪ اُروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پِڙ وٽ بيٺو هو.


پر ڪاش! تون مون کي پاتال ۾ لڪائي رکين، ۽ جيستائين تنهنجي ڪاوڙ لهي نہ وڃي، تيستائين مون کي نظرانداز ڪري ڇڏين، ۽ پوءِ منهنجي لاءِ ڪو وقت مقرر ڪري مون کي ياد فرمائين.


پوءِ موسيٰ فرعون کي چيو تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’اڌ رات ڌاري آءٌ مصر ملڪ جي وچ مان لنگھندس.


هو انهيءَ جو ٿورو رت کڻي جن گھرن ۾ اهو کاڌو وڃي تن جي درن جي پاسن وارين ٻانهين ۽ سردرن تي لڳائين.


اي منهنجي قوم وارؤ! پنهنجي گھرن اندر گھڙي وڃو، ۽ پٺيان دروازا بند ڪري ڇڏيو. ٿوريءَ دير لاءِ پاڻ کي لڪايو، جيستائين خدا جي ڪاوڙ لهي وڃي.


سو خداوند جو هڪڙو ملائڪ اشورين جي لشڪرگاهہ ۾ ڪاهي پيو ۽ اٽڪل هڪ لک پنجاسي هزار ماڻهن کي ماري ڇڏيائين. صبح جو سوير ماڻهو ڇا ڏسن تہ رڳو لاش ئي لاش پيا آهن.


خداوند کيس فرمايو تہ ”تون يروشلم جي سڄي شهر وچان لنگھي وڃ ۽ انهن ماڻهن جي پيشانيءَ تي نشان ڪر، جيڪي شهر ۾ ڪراهت جهڙن ڪمن ٿيڻ ڪري دانهون ڪن ٿا ۽ روئن رڙن ٿا.“


پوڙهن توڙي نوجوانن، مردن توڙي عورتن، والدين توڙي سندن ٻارن، سڀني کي ماري فنا ڪري ڇڏيو. پر جنهن ماڻهوءَ جي پيشانيءَ تي نشان هجي تنهن کي هٿ بہ نہ لائجو. اوهين شروعات هتان منهنجي هيڪل کان ئي ڪريو.“ سو هنن شروعات انهن اڳواڻن کان ئي ڪئي جيڪي اتي هيڪل ۾ بيٺا هئا.


نڪي وري اسان کي ڪُرڪڻ ڪنجھڻ گھرجي، جيئن انهن مان ڪي ڪُرڪيا ۽ موت واري فرشتي هٿان چٽ ٿي ويا.


ايمان جي ڪري ئي هن عيد فصح قائم ڪئي، جڏهن بني اسرائيل کي حڪم ڏنائين تہ اهي قرباني ڪري رت دروازن جي ٻانهين ۽ سردرن تي ڇٽڪارين، انهيءَ لاءِ تہ موت جو ملائڪ بني اسرائيل جي پهريتن پٽن کي هٿ نہ لائي.


اوهين نئين عهد جي وچ واري عيسيٰ وٽ ۽ سندس ڇٽڪاريل انهيءَ رت وٽ آيا آهيو، جيڪو هابيل جي وهايل رت وارين ڳالهين کان بهتر ڳالهيون ٿو ڪري.


”جيستائين اسين پنهنجي خدا جي ٻانهن جي پيشانين تي مُهر نہ هڻون، تيستائين اوهين نہ زمين، نڪي سمنڊ ۽ نہ وري وڻن کي نقصان رسائجو.“


انهيءَ ماڪڙ کي چيو ويو تہ ”زمين جي گاهہ توڙي وڻن کي، بلڪ ڪنهن بہ ساوڪ کي نقصان نہ رسائجو. رڳو انهن ماڻهن کي نقصان رسائجو، جن جي پيشانين تي خدا جي مُهر لڳل نہ هجي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ