خروج 12:22 - Muslim Sindhi Bible22 انهيءَ جو رت ٿالهہ ۾ رکي اوهين زوفا ٻوٽي جو هڪڙو ڇڳو انهيءَ رت مان ٻوڙي پنهنجي پنهنجي ٻاهرين در جي ٻانهين ۽ سردرن تي لڳائجو. پوءِ صبح تائين اوهان مان ڪوبہ پنهنجي گھر جي در کان ٻاهر نہ نڪري. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible22 ۽ اوهين زوفا جو هڪڙو ڇڳو کڻجو، ۽ ٿالهہ ۾ جيڪو رت هوندو، تنهن ۾ اهو ٻوڙجو، ۽ اهو ٿالهہ وارو رت سردرن ۽ ٻانهين تي ڇٽجو؛ ۽ صبح تائين اوهان مان ڪوبہ پنهنجي گهر جي در کان ٻاهر نہ نڪري. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ هڪڙو پاڪ ماڻهو زوفا جي ٽاري کڻي انهيءَ پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ۽ انهيءَ تنبوءَ تي، جيڪي ڪجھہ تنبوءَ ۾ هجي تنهن تي ۽ جيڪي ماڻهو اتي هجن تن تي ڇٽڪاري. اهو پاڻي انهيءَ ماڻهوءَ تي بہ ڇٽڪاريو وڃي جنهن ڪنهن مئل ماڻهوءَ جي هڏي کي، ڪنهن تلوار سان ماريل ماڻهوءَ کي، ڪنهن ماڻهوءَ جي لاش کي يا ڪنهن قبر کي هٿ لاتو هجي.