Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 12:21 - Muslim Sindhi Bible

21 ان کان پوءِ موسيٰ بني اسرائيل جي سڀني اڳواڻن کي گھرائي چيو تہ ”اوهان مان هر هڪ پنهنجي ڪٽنب مطابق هڪ هڪ گھيٽو چونڊي ۽ انهيءَ کي فصح جي عيد ملهائڻ لاءِ وڃي ذبح ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 تنهن کان پوءِ موسيٰ اسرائيل جي سڀني بزرگن کي گهرائي چيو تہ اوهين پنهنجن خاندانن موجب پنهنجا گهيٽا چونڊيو، ۽ وڃي اهو فسح جو گهيٽو ذبح ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 12:21
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ بادشاهہ يهوداہ جي سڀني ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ عيد فصح ملهائي وڃي، جيئن عهدنامي جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهي.“


جيئن تہ ڪاهنن ۽ لاوين پاڻ کي پاڪ ڪيو هو سو اهي سڀ جو سڀ پاڪ هئا. پوءِ جلاوطنيءَ مان سڀني موٽي آيلن لاءِ، پنهنجن ڀائر ڪاهنن لاءِ ۽ پنهنجي لاءِ لاوين عيد فصح جي قربانيءَ جا گھيٽا ذبح ڪيا.


بني اسرائيل مان هر ڪو اهو هن طرح کائي جو سفر لاءِ سندس سندرو ٻڌل هجي، سندس پيرن ۾ جتي هجي ۽ هٿ ۾ لٺ هجيس. هر ڪو اهو تڪڙ ۾ کائي وٺي. اها فصح نالي پاڪ عيد آهي، جيڪا آءٌ خداوند مقرر ڪريان ٿو.


اوهين بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم کي هدايت ڏيو تہ هن مهيني جي ڏهين تاريخ، هر ڪنهن ڪٽنب جو وڏو پنهنجي پنهنجي گھر لاءِ هڪڙو گھيٽو چونڊي.


خداوند موسيٰ کي وراڻيو تہ ”بني اسرائيل جي ڪجھہ اڳواڻن کي پاڻ سان کڻ ۽ پنهنجي اها لٺ، جيڪا تو نيل درياءَ تي هنئي هئي، سا بہ پنهنجي هٿ ۾ کڻي ماڻهن جي اڳيان ٿي هل.


تڏهن موسيٰ هيٺ لهي آيو ۽ بني اسرائيل جي اڳواڻن کي پاڻ وٽ سڏي، جيڪي ڳالهيون خداوند فرمايون هئس، سي سڀ کين بيان ڪري ٻڌايائين.


هاڻي تون وڃ ۽ وڃي بني اسرائيل جي اڳواڻن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪر ۽ کين ٻڌاءِ تہ مون خداوند سندن ابن ڏاڏن جي خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا تو کي ڏيکاري ڏيئي سندن لاءِ هي پيغام ڏنو آهي تہ ’سچ پچ مون اوهان جي سار لڌي آهي ۽ مصر ۾ جيڪي اوهان سان ٿي رهيو آهي سو ڏٺو اٿم.


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”بني اسرائيل قوم مان اهڙا ستر ڄڻا چونڊي ڪڍ، جن کي تون معزز ۽ مکيہ اڳواڻ طور ڄاڻين ٿو. انهن کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي وٽ وٺي اچ ۽ کين پاڻ سان گڏ بيهار.


ايمان جي ڪري ئي هن عيد فصح قائم ڪئي، جڏهن بني اسرائيل کي حڪم ڏنائين تہ اهي قرباني ڪري رت دروازن جي ٻانهين ۽ سردرن تي ڇٽڪارين، انهيءَ لاءِ تہ موت جو ملائڪ بني اسرائيل جي پهريتن پٽن کي هٿ نہ لائي.


جيئن تہ بني اسرائيل جِلجال ۾ منزل ڪيو ويٺا هئا، سو هنن اتي ئي يريحو شهر جي ميدان ۾ انهيءَ مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ شام جو عيد فصح ملهائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ