Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 12:19 - Muslim Sindhi Bible

19-20 ستن ڏينهن تائين اوهان جي گھرن ۾ رڳو بي‌خميري ماني ئي کاڌي وڃي، بلڪ خمير جو نالو ئي نہ هجي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو بہ ماڻهو ڪا خميري شيءِ کائيندو، تنهن کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو، پوءِ اهو بني اسرائيل قوم وارو هجي توڙي اوهان جي قوم ۾ شامل ٿيل ڪو ڌاريو هجي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ست ڏينهن اوهان جن گهرن ۾ خمير جو نالو ئي نہ هجي؛ ڇالاءِ تہ جيڪو ماڻهو ڪا خميري شيءِ کائيندو، سو اسرائيلين جي جماعت مان تباهہ ڪيو ويندو، پوءِ اهو مسافر هجي توڙي انهيءَ ملڪ ۾ ڄاول هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 12:19
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند کين بني اسرائيل لاءِ وڌيڪ فرمايو تہ ”انهيءَ ئي ڏينهن کان وٺي ستن ڏينهن تائين اوهين بي‌خميري ماني کائجو. اوهين عيد جي پهرئين ئي ڏينهن خمير پنهنجن گھرن مان ڪڍي ڇڏجو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻهو پهرئين ڏينهن کان وٺي ستين ڏينهن تائين ڪڏهن بہ خميري ماني کائيندو، تہ انهيءَ کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو.


پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ ”عيد فصح جا قاعدا هي آهن. بني اسرائيل کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ماڻهو عيد فصح جي ماني نہ کائي.


جيڪڏهن ڪو ڌاريو توهان وٽ رهي ٿو ۽ هو خداوند جي هن عيد فصح ۾ شريڪ ٿيڻ چاهي ٿو، تہ پهريائين سندس گھر جا سڀيئي مرد طهر ڪرائين، پوءِ هو ويجھا اچي عيد فصح ۾ شريڪ ٿين. اهڙيءَ طرح هو اوهان جي ملڪ ۾ ڄاول ماڻهوءَ جهڙا ليکجڻ ۾ ايندا. پر ڪوبہ اڻ‌طهريل ماڻهو عيد فصح جي ماني کائي نہ ٿو سگھي.


پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”هن ڏينهن کي ياد رکجو. هن ئي ڏينهن اوهين مصر کان ٻاهر آيا، انهيءَ جاءِ کان جتي اوهين غلام هئا. هي اهو ئي ڏينهن آهي جڏهن خداوند پنهنجي زبردست قدرت سان اوهان کي اتان ٻاهر ڪڍي آيو. سو هن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي.


انهن ستن ئي ڏينهن ۾ بي‌خميري ماني کائجو. خمير واري ماني اوهان وٽ ڏسڻ ۾ بہ نہ اچي ۽ نڪي اوهان جي سرحدن اندر ڪٿي ڪو خمير نظر اچي.


اوهين بي‌خميري مانيءَ جي عيد ياد ڪري ملهايو. ابيب مهيني جي مقرر ڪيل وقت تي، جيئن مون اوهان کي حڪم ڪيو آهي، تيئن ست ڏينهن اوهين جيڪا ماني کائو تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ مهيني ۾ اوهين مصر مان ٻاهر نڪتا هئا. ڪوبہ منهنجي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهيءَ جهڙو ڪو ٻيو تيل ٺاهيندو يا انهيءَ مان ڪاهن کان سواءِ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي لائيندو تہ اهو منهنجي قوم مان خارج ڪيو ويندو.“


اوهين بي‌خميري مانيءَ جي عيد ڪندا رهجو. جيئن مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي تيئن ابيب مهيني ۾ مقرر ڪيل وقت تي ست ڏينهن اوهين جيڪا ماني کائو تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي، ڇاڪاڻ تہ ابيب مهيني ۾ اوهين مصر مان ٻاهر نڪتا هئا.


پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ شام جو مون خداوند جي عيد فصح آهي.


پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڪ هجي ۽ مسافريءَ ۾ بہ نہ هجي ۽ پوءِ بہ عيد فصح نہ ملهائي تہ اهڙي کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ مقرر ڪيل وقت تي هُن مون خداوند جي لاءِ نذرانو پيش نہ ڪيو آهي. اهو ماڻهو پنهنجي گناهہ جي سزا ڀوڳيندو.


اوهين انهيءَ سان گڏ خميري ماني نہ کائجو، بلڪ ستن ڏينهن تائين بي‌خميري ماني يعني ڏکن جي ماني کائيندا رهجو. ان جو سبب هي آهي تہ جنهن ڏينهن اوهين مصر جي ملڪ مان نڪتا، تنهن ڏينهن کي پنهنجي سڄي حياتيءَ ۾ ياد رکي سگھو، ڇاڪاڻ تہ اوهين مصر جي ملڪ مان تڙ تڪڙ ۾ نڪري آيا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ