Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 12:17 - Muslim Sindhi Bible

17 اها بي‌خميري مانيءَ جي عيد اوهين هميشہ ڪندا رهجو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ خاص ڏينهن تي مون اوهان جي سڀني قبيلن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو. تنهنڪري اوهين پيڙهي بہ پيڙهي انهيءَ ڏينهن کي عيد جو ڏينهن ڪري ملهائيندا رهجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ اها فطيري مانيءَ جي عيد اوهين هميشہ ڪندا رهجو، ڇالاءِ جو انهيءَ ساڳئي ڏينهن مون اوهانجن لشڪرن کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر آندو آهي: تنهنڪري اوهين انهيءَ ڏينهن کي پيڙهي بہ پيڙهي هميشہ جو قانون سمجهي قائم رکجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 12:17
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو ڏينهن بني اسرائيل کي هميشہ ياد رهي، بلڪ هو ان کي مون خداوند جي عيد جو ڏينهن سمجھي ملهائين ۽ هر سال پيڙهي بہ پيڙهي انهيءَ ڏينهن تي عيد ڪندا رهن.“


اوهين ۽ اوهان جو اولاد عيد جي انهيءَ دستور تي هميشہ عمل ڪندا رهجو.


انهن چار سؤ ٽيهن سالن گذرڻ کان پوءِ انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي خداوند جي قوم جا سڀ قبيلا مصر جي ملڪ مان نڪري ٻاهر ٿيا.


هر ڪٽنب ان کي ساڳئي مهيني جي چوڏهين تاريخ تائين پاڻ وٽ حفاظت ۾ رکي. پوءِ انهيءَ ڏينهن شام جي وقت بني اسرائيل جو هر ڪٽنب انهيءَ کي ذبح ڪري.


تنهنڪري توهين انهيءَ قانون تي مقرر ڪيل وقت تي هر سال عمل ڪندا رهجو.


پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”هن ڏينهن کي ياد رکجو. هن ئي ڏينهن اوهين مصر کان ٻاهر آيا، انهيءَ جاءِ کان جتي اوهين غلام هئا. هي اهو ئي ڏينهن آهي جڏهن خداوند پنهنجي زبردست قدرت سان اوهان کي اتان ٻاهر ڪڍي آيو. سو هن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي.


عيد جي ڏينهن اوهان مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي پٽ کي ٻڌائي تہ ’هي ڏينهن آءٌ انهيءَ ڪم جي يادگار لاءِ ملهائيندو آهيان جيڪو خداوند منهنجي لاءِ ان وقت ڪيو جڏهن آءٌ مصر مان نڪري رهيو هئس.‘


اوهين بي‌خميري مانيءَ جي عيد ڪندا رهجو. جيئن مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي تيئن ابيب مهيني ۾ مقرر ڪيل وقت تي ست ڏينهن اوهين جيڪا ماني کائو تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي، ڇاڪاڻ تہ ابيب مهيني ۾ اوهين مصر مان ٻاهر نڪتا هئا.


هي اهي هارون ۽ موسيٰ آهن، جن کي خداوند فرمايو تہ ”بني اسرائيل جي پوريءَ قوم کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي اچو.“


جڏهن آءٌ پنهنجو هٿ مصرين جي خلاف ڊگھيريندس ۽ بني اسرائيل کي سندن وچ مان ڪڍي ايندس، تڏهن مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.“


پر جڏهن اسان خداوند کي مدد لاءِ پڪاريو تہ هن اسان جي پڪار ٻڌي ۽ هڪڙي ملائڪ کي موڪلي اسان کي مصر مان ٻاهر ڪڍي آيو. هاڻ اسين قادش شهر ۾ آهيون جيڪو اوهان جي سرحد جي ڪناري تي آهي.


اوهين انهيءَ سان گڏ خميري ماني نہ کائجو، بلڪ ستن ڏينهن تائين بي‌خميري ماني يعني ڏکن جي ماني کائيندا رهجو. ان جو سبب هي آهي تہ جنهن ڏينهن اوهين مصر جي ملڪ مان نڪتا، تنهن ڏينهن کي پنهنجي سڄي حياتيءَ ۾ ياد رکي سگھو، ڇاڪاڻ تہ اوهين مصر جي ملڪ مان تڙ تڪڙ ۾ نڪري آيا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ