Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 12:15 - Muslim Sindhi Bible

15 خداوند کين بني اسرائيل لاءِ وڌيڪ فرمايو تہ ”انهيءَ ئي ڏينهن کان وٺي ستن ڏينهن تائين اوهين بي‌خميري ماني کائجو. اوهين عيد جي پهرئين ئي ڏينهن خمير پنهنجن گھرن مان ڪڍي ڇڏجو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻهو پهرئين ڏينهن کان وٺي ستين ڏينهن تائين ڪڏهن بہ خميري ماني کائيندو، تہ انهيءَ کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ست ڏينهن برابر اوهين فطيري ماني کائجو؛ بلڪ پهرئين ئي ڏينهن خمير پنهنجن گهرن مان ڪڍي ڇڏجو، ڇالاءِ تہ جيڪو ماڻهو پهرئين ڏينهن کان وٺي ستين ڏينهن تائين خميري ماني کائيندو، سو اسرائيل مان تباهہ ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 12:15
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اڳتي جنهن بہ مرد جو طهر ٿيل نہ هوندو تنهن ڄڻ منهنجو عهد ٽوڙيو آهي، سو انهيءَ کي تنهنجي نسل مان خارج ڪيو وڃي.“


سو جيڪي بني اسرائيل يروشلم ۾ اچي حاضر ٿيا هئا تن ڏاڍي خوشيءَ سان ستن ڏينهن تائين بي‌خميري مانيءَ جي عيد ملهائي، جڏهن تہ لاوين ۽ ڪاهنن روزانو پوري جوش ۽ جذبي سان خداوند جي تعريف جا گيت پئي ڳايا.


پوءِ هنن ست ڏينهن خوشيءَ وچان بي‌خميري مانيءَ جي عيد ملهائي، ڇاڪاڻ تہ خداوند اشور جي شهنشاهہ جي دل انهن ڏانهن ڦيرائي کين خوشي عطا ڪئي هئي. انهيءَ لاءِ تہ بني اسرائيل جي خدا جي گھر جي تعمير واري ڪم ۾ شهنشاهہ هنن جي مدد ڪئي.


انهيءَ ئي رات هو ان جي گوشت کي باهہ تي رکي پچائي، اهو بي‌خميري مانيءَ ۽ ڪؤڙي ڀاڄيءَ سان گڏ کائين.


پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”هن ڏينهن کي ياد رکجو. هن ئي ڏينهن اوهين مصر کان ٻاهر آيا، انهيءَ جاءِ کان جتي اوهين غلام هئا. هي اهو ئي ڏينهن آهي جڏهن خداوند پنهنجي زبردست قدرت سان اوهان کي اتان ٻاهر ڪڍي آيو. سو هن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي.


اوهين بي‌خميري مانيءَ جي عيد ياد ڪري ملهايو. ابيب مهيني جي مقرر ڪيل وقت تي، جيئن مون اوهان کي حڪم ڪيو آهي، تيئن ست ڏينهن اوهين جيڪا ماني کائو تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ مهيني ۾ اوهين مصر مان ٻاهر نڪتا هئا. ڪوبہ منهنجي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهيءَ جهڙو ڪو ٻيو تيل ٺاهيندو يا انهيءَ مان ڪاهن کان سواءِ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي لائيندو تہ اهو منهنجي قوم مان خارج ڪيو ويندو.“


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي سنگھڻ لاءِ انهيءَ جهڙو ٻيو ٺاهيندو تہ اهو منهنجي قوم مان خارج ڪيو ويندو.“


تنهنڪري اوهين سبت جو ڏينهن ملهائيندا رهجو، ڇو تہ اهو اوهان جي لاءِ پاڪ آهي. جيڪو بہ انهيءَ ڏينهن تي ڪو ڪم ڪرڻ سان انهيءَ جي بي‌حرمتي ڪندو، سو ضرور بني اسرائيل قوم مان خارج ڪري ماريو ويندو.


اوهين بي‌خميري مانيءَ جي عيد ڪندا رهجو. جيئن مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي تيئن ابيب مهيني ۾ مقرر ڪيل وقت تي ست ڏينهن اوهين جيڪا ماني کائو تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي، ڇاڪاڻ تہ ابيب مهيني ۾ اوهين مصر مان ٻاهر نڪتا هئا.


اوهين منهنجي واسطي ڪيل جانور جي قربانيءَ واري رت سان خميري ماني گڏي نذراني طور پيش نہ ڪجو. اوهين عيد فصح واري جانور جي قربانيءَ مان صبح تائين ڪجھہ بہ بچائي نہ رکجو.


”بني اسرائيل جي ماڻهن مان يا سندن قوم ۾ شامل ٿيل ڌارين مان جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو ڪنهن بہ طرح رت کائيندو پيئندو، تہ آءٌ خداوند انهيءَ رت کائڻ پيئڻ واري جي خلاف ٿيندس ۽ انهيءَ کي قوم مان خارج ڪري ڇڏيندس.


اهو انهيءَ ڪري جو هر ساهواري شيءِ جي زندگي سندس رت ئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو آءٌ بني اسرائيل کي چوان ٿو تہ ’اوهين ڪنهن بہ ساهواري جو رت نہ کائجو پيئجو، ڇو تہ اها سندس زندگي آهي. سو جيڪو بہ اهو کائيندو پيئندو تنهن کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو.‘


خداوند چاهي ٿو تہ هو هر انهيءَ ماڻهوءَ کي پنهنجي عهد مان خارج ڪري ڇڏي، جيڪو اهڙو ڪم ڪري، پوءِ اهو کڻي ڪير بہ هجي، توڙي اهو جيڪو قادرِمطلق خداوند لاءِ نذرانو پيش ڪري ٿو.


ساڳئي مهيني جي پندرهين تاريخ کان عيد جي تقريب شروع ٿي ست ڏينهن جاري رهندي. انهيءَ دوران جيڪا ماني کاڌي وڃي تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي.


پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڪ هجي ۽ مسافريءَ ۾ بہ نہ هجي ۽ پوءِ بہ عيد فصح نہ ملهائي تہ اهڙي کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ مقرر ڪيل وقت تي هُن مون خداوند جي لاءِ نذرانو پيش نہ ڪيو آهي. اهو ماڻهو پنهنجي گناهہ جي سزا ڀوڳيندو.


تڏهن شاگردن سمجھيو تہ هو مانيءَ ۾ ڪم ايندڙ خمير کان خبردار نہ پيو ڪري پر فريسين ۽ صدوقين جي تعليم کان هوشيار رهڻ لاءِ پيو چوي.


ايتري ۾ هزارين ماڻهن جو ميڙ عيسيٰ جي چوڌاري اچي گڏ ٿيو. اهي ماڻهو کيس ٻڌڻ لاءِ هڪٻئي تي ڳاهٽ پئي ٿيا. تڏهن عيسيٰ انهن جي اڳيان پنهنجي شاگردن کي تاڪيد ڪندي چيو تہ ”رياڪاري فريسين جو خمير آهي، تنهن کان پري رهجو.


جڏهن عيد جا ڏينهن پورا ٿيا تہ هو گھر ڏانهن موٽڻ لڳا. پر ٻار عيسيٰ يروشلم ۾ رهجي وين ۽ سندس ماءُ پيءُ کي اها خبر ئي نہ پيئي.


جڏهن هن ڏٺو تہ يهودين کي اها ڳالهہ چڱي لڳي آهي، تڏهن پطرس کي بہ پڪڙايائين. اهي بي‌خميري مانيءَ جي عيد جا ڏينهن هئا.


چڱو تہ ائين ٿيندو تہ جيڪي اوهان کي طهر ڪرائڻ لاءِ پريشان ڪن ٿا، سي پنهنجو پاڻ کي طهر وانگر اوهان کان ڪٽي ڇڏين.


اوهين انهيءَ سان گڏ خميري ماني نہ کائجو، بلڪ ستن ڏينهن تائين بي‌خميري ماني يعني ڏکن جي ماني کائيندا رهجو. ان جو سبب هي آهي تہ جنهن ڏينهن اوهين مصر جي ملڪ مان نڪتا، تنهن ڏينهن کي پنهنجي سڄي حياتيءَ ۾ ياد رکي سگھو، ڇاڪاڻ تہ اوهين مصر جي ملڪ مان تڙ تڪڙ ۾ نڪري آيا هئا.


اوهين عيد فصح جي قرباني پنهنجي ڪنهن بہ شهر ۾ نہ ٿا ڪري سگھو، جيڪي شهر خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي.


ڇهن ڏينهن تائين اوهين جيڪا ماني کائو، تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي. ستين ڏينهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو، انهيءَ ڏينهن اوهين ڪوبہ ڪم نہ ڪجو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ