Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 12:13 - Muslim Sindhi Bible

13 جن گھرن ۾ بني اسرائيل وارا رهن ٿا، تن جي دروازن تي لڳل اهو رت هڪڙو نشان هوندو. آءٌ اهو رت ڏسي کين ڇڏي لنگھي ويندس. جڏهن آءٌ مصر جي ملڪ وارن کي ماريندس، تڏهن ڪابہ آفت بني اسرائيل کي برباد ڪرڻ لاءِ مٿن نہ ايندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ جن گهرن ۾ اوهين رهو ٿا، تن تي اهو رت اوهان جي لاءِ هڪڙو نشان ٿيندو؛ ۽ آءٌ اهو رت ڏسي اوهان کي ڇڏي لنگهي ويندس، ۽ جڏهن آءٌ مصر جي ملڪ وارن کي ماريندس، تڏهن اوهان کي برباد ڪرڻ لاءِ ڪابہ آفت اوهان تي ڪانہ ايندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 12:13
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اڳتي هر ڇوڪرو جڏهن اٺن ڏينهن جو ٿئي تہ توهين انهيءَ جو طهر ڪرايو، انهن غلامن جو بہ جيڪي اوهان جي گھرن ۾ ڄاول هجن يا ڌارين کان خريد ڪيل هجن. اهو منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ ٻڌل عهد جي نشاني هوندو.


بني اسرائيل مان هر ڪو اهو هن طرح کائي جو سفر لاءِ سندس سندرو ٻڌل هجي، سندس پيرن ۾ جتي هجي ۽ هٿ ۾ لٺ هجيس. هر ڪو اهو تڪڙ ۾ کائي وٺي. اها فصح نالي پاڪ عيد آهي، جيڪا آءٌ خداوند مقرر ڪريان ٿو.


جڏهن خداوند مصرين کي مارڻ لاءِ ملڪ مان لنگھندو ۽ در جي ٻنهي ٻانهين ۽ سردرن تي رت ڏسندو، تڏهن خداوند انهيءَ در کي ڇڏي لنگھي ويندو. هو موت جي فرشتي کي اوهان جي گھرن ۾ اوهان کي مارڻ لاءِ اچڻ ڪين ڏيندو.


هو انهيءَ جو ٿورو رت کڻي جن گھرن ۾ اهو کاڌو وڃي تن جي درن جي پاسن وارين ٻانهين ۽ سردرن تي لڳائين.


خداوند کيس فرمايو تہ ”تون يروشلم جي سڄي شهر وچان لنگھي وڃ ۽ انهن ماڻهن جي پيشانيءَ تي نشان ڪر، جيڪي شهر ۾ ڪراهت جهڙن ڪمن ٿيڻ ڪري دانهون ڪن ٿا ۽ روئن رڙن ٿا.“


۽ آسمان مان سندس فرزند جي اچڻ جو انتظار ڪريو، جنهن کي هن مئلن مان جياريو. اهو فرزند عيسيٰ ئي آهي، جيڪو اسان کي خدا جي ايندڙ غضب کان بچائي ٿو.


ايمان جي ڪري ئي هن عيد فصح قائم ڪئي، جڏهن بني اسرائيل کي حڪم ڏنائين تہ اهي قرباني ڪري رت دروازن جي ٻانهين ۽ سردرن تي ڇٽڪارين، انهيءَ لاءِ تہ موت جو ملائڪ بني اسرائيل جي پهريتن پٽن کي هٿ نہ لائي.


سو هاڻي مهرباني ڪري انهيءَ خداوند جو مون سان قسم کڻو تہ جهڙو مهربانيءَ وارو سلوڪ مون اوهان سان ڪيو آهي تهڙو ئي سلوڪ اوهين بہ منهنجي اباڻي گھر سان ڪندا. تنهن لاءِ مون کي ڪا اعتبار جوڳي نشاني ڏيو،


تنهن لاءِ تو کي هي ڪرڻو آهي جو جڏهن اسين هن ملڪ ۾ داخل ٿيون، تڏهن جنهن دريءَ مان تون اسان کي هيٺ لاهين ٿي، تنهن ۾ تون هيءَ لال ڳاڙهي رنگ جي ڏوري ٻڌي ڇڏجانءِ ۽ تون پنهنجي پيءُ، ماءُ، ڀائرن ۽ پنهنجي پيءُ جي سڄي گھراڻي کي پنهنجي گھر ۾ آڻي گڏ ڪجانءِ.


پر جيڪڏهن اسين روشنيءَ ۾ هلون ٿا، جيئن خدا پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ پوءِ اسان جو هڪٻئي سان ميل ميلاپ آهي ۽ سندس فرزند عيسيٰ جو رت اسان کي سڀني گناهن کان پاڪ ڪري ٿو ڇڏي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ