Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 10:27 - Muslim Sindhi Bible

27 پر خداوند فرعون جي دل کي سخت ڪري ڇڏيو ۽ هن کين وڃڻ نہ ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 پر خداوند فرعون جي دل سخت ڪئي ۽ هن هنن کي وڃڻ نہ ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 10:27
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون فرعون وٽ وڃ، ڇاڪاڻ تہ مون ئي هن جي دل کي ۽ سندس نوڪرن جي دلين کي سخت ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هنن جي وچ ۾ پنهنجا اهي معجزا ڏيکاريان.


پر خداوند فرعون جي دل کي سخت ڪيو ۽ هن بني اسرائيل کي وڃڻ نہ ڏنو.


سو موسيٰ ۽ هارون اهي سڀ معجزا فرعون جي اڳيان ڪري ڏيکاريا. پر خدا فرعون جي دل سخت ڪئي ۽ هن بني اسرائيل کي پنهنجي ملڪ مان وڃڻ نہ ڏنو.


آءٌ فرعون جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو اوهان جي پٺيان پوندو. تڏهن فرعون ۽ سندس سڄي لشڪر تي منهنجي فتح سان منهنجو جلال ظاهر ٿيندو ۽ مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.“ سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو.


خداوند مصر جي بادشاهہ فرعون جي دل سخت ڪئي. سو هو بني اسرائيل جي پٺيان ڪاهي پيو، ڇاڪاڻ تہ اهي سندس وٽان وڏي دليريءَ سان نڪري ويا هئا.


خداوند وري موسيٰ کي فرمايو تہ ”جڏهن تون مصر ۾ موٽي وڃين تڏهن اهي سڀ معجزا جيڪي مون تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن، سي وڃي فرعون جي اڳيان ڏيکارج. آءٌ فرعون جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو انهن ماڻهن کي وڃڻ نہ ڏيندو.


مطلب تہ خدا جنهن تي رحم ڪرڻ گھري ٿو، تنهن تي رحم ڪري ٿو ۽ جنهن کي ضد تي قائم رکڻ گھري ٿو تنهن جي دل کي سخت ڪري ٿو.


جيڪي ماڻهو انهن آفتن مان باقي بچيا، تن بڇڙائيءَ کان توبهہ نہ ڪئي. هائو، اهي بدروحن ۽ سون، چانديءَ، پتل، پٿر ۽ ڪاٺ جي ٺهيل بتن جي پوڄا ڪرڻ کان نہ مڙيا، جيڪي نہ ڏسي سگھن ٿا، نہ ٻڌي سگھن ٿا ۽ نہ وري گھمي ڦري ٿا سگھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ