Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 10:26 - Muslim Sindhi Bible

26 سو اسان جو چوپايو مال بہ اسان سان گڏ هلندو. انهن جو هڪڙو کُر بہ پوئتي نہ رهندو، ڇاڪاڻ تہ انهن مان ئي اسين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ۾ ڪم آڻينداسين. اهو ئي سبب آهي جو جيستائين اسين اتي نہ وڃون تيستائين اسان کي خبر ڪانهي تہ ڪهڙا ڪهڙا جانور خداوند جي عبادت جي ڪم ايندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 اسان جو چوپايو مال بہ ضرور اسان سان هلندو؛ هڪڙو کر بہ پٺتي نہ رهندو؛ ڇالاءِ جو انهن مان اسين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ۾ ڪم آڻينداسين؛ ۽ جيسين اسين اتي نہ وڃون، تيسين خبر ڪانہ اٿئون تہ ڪهڙا خداوند جي عبادت جي ڪم ايندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 10:26
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر موسيٰ وراڻيس تہ ”اسان کي قربانين ۽ ساڙڻ وارين قربانين ڪرڻ لاءِ تو کي اسان جا جانور بہ ڏيڻا پوندا، تہ جيئن اهي اسين خداوند پنهنجي خدا جي آڏو قربان ڪريون.


موسيٰ وراڻيس تہ ”اسين سڀ پنهنجن ننڍن ۽ وڏن سوڌا، پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن سوڌا، پنهنجين رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن سوڌا وينداسين، ڇاڪاڻ تہ اسان کي خداوند جي شان ۾ عيد ملهائڻي آهي.“


جيئن اوهان چيو پئي تيئن پنهنجيون رڍون، ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا بہ ڪاهي وڃو. منهنجي لاءِ بہ برڪت گھرجو.“


اسان کي ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃڻو پوندو ۽ اتي جيئن خداوند اسان جي خدا حڪم ڏنو آهي، تيئن سندس لاءِ قرباني ڪنداسين.“


اوهين پنهنجي مال ملڪيت ۽ پنهنجي سموري پيداوار جي پهرئين ڦل جي نذرانن سان خداوند کي تعظيم ڏيو.


پر انهيءَ جي تجارت ۽ اُجوري واري رقم خداوند جي لاءِ مخصوص هوندي. اها ڪنهن بہ خزاني ۾ ميڙي گڏ ڪري نہ رکي ويندي، بلڪ انهيءَ جي تجارت جو نفعو خداوند جي عبادت ڪندڙ قوم لاءِ ئي هوندو، تان‌تہ اهي ڍءُ ڪري کائين پيئن ۽ عمدي پوشاڪ پهرين.


هو پنهنجي رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن جون قربانيون ڪري، مون خداوند کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، پر آءٌ ساڻن راضي نہ ٿيندس، ڇاڪاڻ تہ مون کانئن منهن موڙي ڇڏيو آهي.


انهيءَ ڏينهن گھوڙن جي گھُنگھرن تي لکيل هوندو تہ ”خداوند جي لاءِ مخصوص.“ خداوند جي گھر جا سمورا ٿانوَ قربان‌گاهہ جي پيالن وانگر رڳو خداوند لاءِ مخصوص هوندا.


سو انهن پاڻ کي پهريائين خداوند عيسيٰ جي حوالي ۽ پوءِ خدا جي مرضيءَ سان اسان جي حوالي ڪندي نہ رڳو ڏنو، بلڪ اسان جي اميد کان بہ وڌيڪ ڏنو.


جڏهن ابراهيم کي سڏيو ويو تہ ايمان جي ڪري ئي هو خدا جو حڪم مڃي انهيءَ ملڪ ڏانهن هليو ويو، جيڪو بعد ۾ کيس واعدي ڪيل ميراث طور ملڻو هو. هائو، هو اٿي روانو ٿيو، جيتوڻيڪ هن کي اها خبر نہ هئي تہ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ