Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 10:20 - Muslim Sindhi Bible

20 پر خداوند فرعون جي دل کي سخت ڪيو ۽ هن بني اسرائيل کي وڃڻ نہ ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 پر خداوند فرعون جي دل کي سخت ڪيو ۽ هن بني اسرائيل کي وڃڻ جي موڪل نہ ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 10:20
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون فرعون وٽ وڃ، ڇاڪاڻ تہ مون ئي هن جي دل کي ۽ سندس نوڪرن جي دلين کي سخت ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هنن جي وچ ۾ پنهنجا اهي معجزا ڏيکاريان.


پوءِ خداوند اولهہ کان تمام تيز واءُ گھلايو، جنهن ماڪڙ کي اڏاري کڻي وڃي ڳاڙهي سمنڊ ۾ وڌو. اهڙيءَ طرح مصر جي سڄي ملڪ ۾ هڪڙو مڪڙ بہ باقي نہ رهيو.


پر خداوند فرعون جي دل کي سخت ڪري ڇڏيو ۽ هن کين وڃڻ نہ ڏنو.


سو موسيٰ ۽ هارون اهي سڀ معجزا فرعون جي اڳيان ڪري ڏيکاريا. پر خدا فرعون جي دل سخت ڪئي ۽ هن بني اسرائيل کي پنهنجي ملڪ مان وڃڻ نہ ڏنو.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ مصر جو بادشاهہ زبردستيءَ کان سواءِ اوهان کي وڃڻ ڪين ڏيندو.


خداوند وري موسيٰ کي فرمايو تہ ”جڏهن تون مصر ۾ موٽي وڃين تڏهن اهي سڀ معجزا جيڪي مون تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن، سي وڃي فرعون جي اڳيان ڏيکارج. آءٌ فرعون جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو انهن ماڻهن کي وڃڻ نہ ڏيندو.


پر خداوند فرعون جي دل سخت ڪئي. سو هن موسيٰ ۽ هارون جي ڳالهہ نہ مڃي، جيئن خداوند اڳي ئي موسيٰ کي فرمايو هو.


مطلب تہ خدا جنهن تي رحم ڪرڻ گھري ٿو، تنهن تي رحم ڪري ٿو ۽ جنهن کي ضد تي قائم رکڻ گھري ٿو تنهن جي دل کي سخت ڪري ٿو.


پر حشبون جي بادشاهہ سيحون اسان کي پنهنجي ملڪ مان لنگھي وڃڻ نہ ڏنو. خداوند اسان جي خدا هن جو مزاج تيز ۽ دل سخت ڪئي هئي، انهيءَ لاءِ تہ هو انهيءَ کي اوهان جي حوالي ڪري، جيڪو اڄ تائين اسان جي حوالي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ