Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 10:15 - Muslim Sindhi Bible

15 انهيءَ سڄي زمين کي ڍڪي ڇڏيو، ايتري قدر جو زمين ڪاري ٿي ويئي. انهيءَ سموري ساوڪ ۽ وڻن جا ميوا جيڪي ڳڙن کان بچي ويا هئا سي کائي ڇڏيا، ايتري قدر جو سڄي مصر جي ملڪ ۾ وڻن ۽ ٻوٽن تي ڪابہ ساوڪ باقي نہ رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ڇالاءِ جو انهن زمين جي سطح کي ڀري ڇڏيو، جنهنڪري زمين ڪاري ٿي ويئي، ۽ انهن زمين جا سڀ وڻ، ٻوٽا، ۽ وڻ جو ميوو، جو ڳڙن کان بچيو هو، سو کائي ڇڏيو، ۽ مصر جي ملڪ ۾ ڪوبہ سائو وڻ يا ٻوٽو ڪونہ رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 10:15
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن انهن جي زمين جي پيداوار، هائو، سندن محنت جو ڦل ماڪڙ جي حوالي ڪري ڇڏيو.


پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ ”پنهنجو هٿ مصر جي ملڪ تي ڊگھير تہ جيئن ملڪ تي ماڪڙ اچي. اها ماڪڙ هر قسم جي ساوڪ ۽ هر ڪا شيءِ جيڪا ڳڙن کان بچي ويئي آهي سان کائي ويندي.“


اها ايتري تہ گھڻي هوندي جو زمين کي پوريءَ طرح ڍڪي ڇڏيندي. ماڪڙ اوهان جي هر اها شيءِ کائي ويندي جيڪا ڳڙن جي آفت کان بچي ويئي آهي. توهان جا اُهي وڻ جيڪي ٻنين ۾ اُڀريا آهن، تن سڀني کي بہ کائي چٽ ڪري ڇڏيندي.


ٽيون ماڪڙ، جن جو ڪو بادشاهہ ڪونهي، تنهن هوندي بہ اهي ٽوليون ٽوليون ٺاهي ٻاهر ٿيون نڪرن،


ماڪڙ جي ڪٽڪن مٿان ڪٽڪن اچي فصلن تي حملو ڪيو. پهرئين ڪٽڪ کان جيڪي ڪجھہ بچيو بہ هو تہ اهو وري ٻئي ڪٽڪ اچي ڳڙڪائي ڇڏيو.


آءٌ گذريل سالن ۾ فصلن جو ٿيل نقصان اوهان کي موٽائي ڏيندس. هائو، اهي فصل جن کي ماڪڙ جي ڪٽڪن کائي چٽ ڪري ڇڏيو هو. اهي ماڪڙ جا ڪٽڪ مون ئي اوهان ڏانهن لشڪر جيان موڪليا هئا.


جڏهن ڏٺم تہ ماڪڙ زمين جي سموري ساوڪ کائي چٽ ڪري ڇڏيندي، تڏهن مون پڪاري چيو تہ ”اي خداوند خدا! آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجيءَ قوم کي معافي ڏي. اها ڪيئن قائم رهي سگھندي؟ جڏهن تہ اها بلڪل ڪمزور آهي.“


بعور جي پٽ بلعام کي وٺي اچڻ لاءِ قاصد موڪليا. بلعام فرات نديءَ جي ويجھو پنهنجي وطن جي فتور شهر ۾ رهندو هو. بلق قاصدن کي پيغام ڏنو تہ ”هڪڙي قوم مصر مان نڪري آئي آهي ۽ روءِ‌زمين تي پکڙجي ويئي آهي. هاڻي اها قوم منهنجي سامهون اچي لٿي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ