Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 10:1 - Muslim Sindhi Bible

1 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون فرعون وٽ وڃ، ڇاڪاڻ تہ مون ئي هن جي دل کي ۽ سندس نوڪرن جي دلين کي سخت ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هنن جي وچ ۾ پنهنجا اهي معجزا ڏيکاريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ تون فرعون وٽ وڃ؛ ڇالاءِ جو مون هن جي دل کي، ۽ سندس نوڪرن جي دلين کي سخت ڪيو آهي؛ انهيءَ لاءِ تہ آءٌ هنن جي وچ ۾ پنهنجا اهي معجزا ڏيکاريان؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 10:1
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ خدا ئي سچو انصاف ڪندڙ آهي، هائو، اهڙو خدا جيڪو روزانو بدڪارن کي غصو ٿو ڏيکاري.


پر خداوند فرعون جي دل کي سخت ڪيو ۽ هن بني اسرائيل کي وڃڻ نہ ڏنو.


پر آءٌ پنهنجو هٿ ڊگھيريندس ۽ انهن عجيب ڪمن سان، جيڪي آءٌ ڪندس مصر ملڪ کي سزا ڏيندس. ان کان پوءِ هو اوهان کي وڃڻ ڏيندو.


خداوند وري موسيٰ کي فرمايو تہ ”جڏهن تون مصر ۾ موٽي وڃين تڏهن اهي سڀ معجزا جيڪي مون تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن، سي وڃي فرعون جي اڳيان ڏيکارج. آءٌ فرعون جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو انهن ماڻهن کي وڃڻ نہ ڏيندو.


پر فرعون توهان جي ڳالهہ نہ ٻڌندو. تڏهن آءٌ پنهنجو هٿ مصر تي ڊگھيريندس ۽ هن کي وڏيون سزائون ڏيئي پنهنجي قوم بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر آڻيندس.


پر خداوند فرعون جي دل سخت ڪئي. سو هن موسيٰ ۽ هارون جي ڳالهہ نہ مڃي، جيئن خداوند اڳي ئي موسيٰ کي فرمايو هو.


پر حقيقت ڪري مون تو کي رڳو انهيءَ سبب جيئرو رهڻ ڏنو آهي تہ جيئن تو کي پنهنجي قدرت ڏيکاريان ۽ انهيءَ سان منهنجو نالو سڄيءَ دنيا ۾ روشن ٿئي.


تڏهن فرعون ماڻهو موڪلي موسيٰ ۽ هارون کي گھرايو ۽ چيائين تہ ”هن ڀيري مون برابر گناهہ ڪيو آهي. خداوند حق تي آهي ۽ آءٌ ۽ منهنجي قوم قصوروار آهيون.


”مون خدا انهن جون اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن، ۽ سندن عقل تي تالو هڻي ڇڏيو اٿم، تہ متان اهي پنهنجين اکين سان ڏسن ۽ پنهنجي دماغ سان سمجھن، ۽ مون آڏو توبهہ‌تائب ٿين تہ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.“


پاڪ ڪلام ۾ بہ اهڙيءَ ئي طرح خدا فرعون کي فرمائي ٿو تہ ”مون تو کي بادشاهہ انهيءَ لاءِ بڻايو آهي تہ آءٌ تنهنجي ڪري پنهنجي قدرت ظاهر ڪريان ۽ دنيا ۾ منهنجو نالو روشن ٿئي.“


مطلب تہ خدا جنهن تي رحم ڪرڻ گھري ٿو، تنهن تي رحم ڪري ٿو ۽ جنهن کي ضد تي قائم رکڻ گھري ٿو تنهن جي دل کي سخت ڪري ٿو.


ان جو سبب هي هو جو خداوند ئي هنن جون دليون سخت ڪيون هيون تہ جيئن اهي بني اسرائيل سان اچي جنگ ڪن ۽ بني اسرائيل هنن کي صفا ناس ڪري ڇڏين ۽ سمورا بي‌رحميءَ سان ماريا وڃن، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


اسان سان ويل ٿيو! ڪير اسان کي هنن طاقت وارن معبودن جي هٿان ڇڏائيندو. هي تہ اُهي ئي معبود آهن، جن مصرين کي هر قسم جي آفتن سان بيابان ۾ ماريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ