Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 1:11 - Muslim Sindhi Bible

11 سو مصرين کين پيڙڻ لاءِ مٿن رکوالا مقرر ڪيا تہ جيئن اهي کين بيگر ۾ وهائين. اهڙيءَ طرح هنن فرعون جي لاءِ ذخيري ڪرڻ جا شهر پتوم ۽ رعمسيس اڏيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 سو هنن کين پيڙڻ لاءِ مٿن مقدم مقرر ڪيا تہ انهن کي بيگر ۾ وهائين؛ ۽ انهن فرعون جي لاءِ انبار جا شهر، پتوم ۽ رعمسيس اڏايا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 1:11
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند ابرام کي چيو تہ ”تون آرام سان دم ڏيندين ۽ وڏي ڄمار ۾ دفن ٿيندين. پر تو کي خبر هجي تہ تنهنجو اولاد هڪ ڌارئي ملڪ ۾ پرديسي ٿي رهندو، اُتي جي ماڻهن جي غلامي ڪندو ۽ اهي چئن صدين تائين کين تڪليفون ڏيندا رهندا. پوءِ آءٌ انهيءَ قوم کي سزا ڏيندس جنهن انهن کي غلام بڻايو هوندو ۽ جڏهن تنهنجو اولاد اهو ڌاريو ملڪ ڇڏي نڪري ايندو تہ وٽس گھڻو مال‌متاع هوندو.


يوسف پنهنجي پيءُ ۽ ڀائرن کي فرعون جي حڪم موجب مصر جي ملڪ ۾ سڀ کان ڀلي زمين يعني رعمسيس شهر ۾ آباد ڪيو ۽ اها زمين سندن قبضي ۾ ڏنائين.


گدامن جا سڀ شهر، پنهنجين جنگي گھوڙي گاڏين ۽ گھوڙي سوارن وارا شهر ۽ ٻيو سڀ جيڪي هن يروشلم ۾، لبنان ۾ ۽ پنهنجي بادشاهيءَ جي سڄي ملڪ ۾ تعمير ڪرڻ گھريو سو بہ جوڙايائين.


بن‌هدد آسا بادشاهہ جي ڳالهہ مڃي ۽ پنهنجا سالار لشڪرن سميت اسرائيل ملڪ جي شهرن تي ڪاهہ ڪرڻ لاءِ موڪليائين. انهن عيون، دان، ابيل بيت‌معڪہ ۽ نفتاليءَ جي سڀني گدامن وارا شهر فتح ڪيا.


هن بيابان ۾ تدمور نالي شهر تعمير ڪرايو ۽ حمات علائقي ۾ گدامن وارا سڀ شهر پڻ نئين سر تعمير ڪرايائين.


انهيءَ وقت هو هڪڙي قوم کان ٻيءَ قوم ڏانهن ڀٽڪندا رهندا هئا. هائو، اهي هڪڙي بادشاهت کان ٻيءَ ڏانهن پيا ڀٽڪندا هئا.


هاڻ اي بني اسرائيل قوم! شروع کان ئي دشمنن تو کي جيئن ستايو سو ڀلي تون بيان ڪر تہ


”دشمنن مون کي ننڍي هوندي کان ئي ڏاڍو ستايو، پر تڏهن بہ اهي مون تي ڪڏهن غالب ڪين پيا.


سو انهيءَ مان اوهان کي بہ ملندو، جيڪي لڪي وڃي رڍن جي واڙن ۾ ستا هئا. انهيءَ مال ۾ ڪبوترن جون مورتيون آهن، جن جا پر چانديءَ جا آهن، ۽ انهن جا کنڀ نج سون سان ڍڪيل آهن.“


”اي بني اسرائيل! اوهان جي ڪُلهن تي جيڪو بار هو سو مون لاهي ڇڏيو، مون اوهان جي هٿن کي هاڻي تغارين ڍوئڻ کان ڇڏائي ڇڏيو.


انهن کان گاري ۽ سرن ٺهرائڻ جو ڪم ۽ پنهنجين ٻنين ۾ هر قسم جو ڪم سخت محنت سان ڪرائي، کين سندن حياتيءَ کان بيزار ڪري ڇڏيائون. انهن کان جيڪو بہ پورهيو ٿي ڪرايائون سو سخت ظلم سان ٿي ڪرايائون.


پوءِ جڏهن موسيٰ وڏو ٿيو تہ هڪ ڏينهن ٻاهر پنهنجي هم‌قوم عبرانين وٽ ويو، جتي سندن تڪليفون ڏٺائين. هن ڏٺو تہ هڪڙو مصري سندس هڪ عبراني ڀاءُ کي ماري رهيو هو.


پوءِ خداوند چيس تہ ”منهنجي قوم جيڪا مصر ۾ آهي، تنهن جي سخت مصيبت مون ڏٺي آهي. سندن رکوالن جي سختيءَ جي ڪري سندن ڪيل دانهن ٻڌي اٿم. مون کي هنن جي ڏکن جي خبر آهي.


ان کان پوءِ انهن ماڻهن جا رکوالا ۽ عملدار اتان روانا ٿيا ۽ انهن ماڻهن کي اچي چيائون تہ ”فرعون جو فرمان آهي تہ اڳتي اوهان کي بُهہ ڪونہ ڏنو ويندو.


تڏهن بني اسرائيل جا عملدار فرعون وٽ آيا ۽ دانهون ڪري چوڻ لڳا تہ ”اوهان پنهنجي ٻانهن سان اهڙي هلت ڇو ٿا ڪريو.


هنن کان اوتريون ئي سرون ٺهرائجو جيتريون هو هاڻي تائين ٺاهيندا رهيا آهن، انهيءَ ۾ اوهين ڪي بہ گھٽ نہ ڪجو. جيئن تہ هو نڪما آهن، تنهنڪري دانهون ڪري ٿا چون تہ ’اسان کي ڇڏ تہ وڃي پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني ڪريون.‘


ڪاوڙ ۽ غصي وارو ماڻهو خطرناڪ ٿو ٿئي، مگر جيڪو غيرت سان ڀريل آهي، تنهن آڏو ڪير ٿو بيهي سگھي؟


اسان جا ابا ڏاڏا مصر ۾ ويا ۽ اسين ڪيترائي سال اتي رهياسين. مصرين اتي اسان سان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن سان خراب سلوڪ ڪيو.


پر مصرين اسان سان خراب هلت ڪئي ۽ اسان کي ڏک ڏنائون. هنن اسان تي سخت پورهيو مڙهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ