آستر 9:4 - Muslim Sindhi Bible4 جيئن تہ مردڪئي شاهي محل ۾ وڏي مان ۽ مرتبي وارو سمجھيو ويندو هو ۽ هن جو ناموس سڀني صوبن ۾ پکڙجي ويو هو، سو هو وڌ کان وڌ طاقتور ٿيندو ويو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible4 ڇالاءِ جو مردڪئي بادشاهہ جي گهر ۾ وڏو هو، ۽ هن جي ناموس سڀني پرڳڻن ۾ پکڙجي ويئي هئي: انهي لاءِ جو اهو شخص مردڪئي وڌندو ويو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تنهنڪري آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ مون برابر واعدو ڪيو هو تہ تنهنجو گھراڻو ۽ تنهنجي پيءُ جو گھراڻو منهنجي حضور ۾ ڪاهن طور هميشہ خدمت ڪندو رهي. پر هاڻي مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي مون کي تعظيم ٿا ڏين، تن کي آءٌ عزت ڏيندس ۽ جيڪي مون کان منهن موڙين ٿا، سي بيآبرو ڪيا ويندا.