Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 9:29 - Muslim Sindhi Bible

29 راڻي آستر ولد ابيخيل مردڪئيءَ سان گڏجي پوري اختياريءَ سان ٻئي خط ۾ پُوريم عيد کي قائم رکڻ بابت لکيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 تنهن کانپوءِ ابيخيل جي ڌيءَ راڻيءَ آستر ۽ مردڪئي يهوديءَ وڏي اختياريءَ سان لکيو تہ پوريم جو اهو ٻيو خط قائم رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 9:29
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن مردڪئيءَ جي سئوٽ يعني سندس چاچي ابيخيل جي ڌيءَ آستر، جنهن کي هن ڌيءَ ڪري پاليو هو، تنهن جو شهنشاهہ وٽ وڃڻ جو وارو آيو، تڏهن هن ڪجھہ بہ نہ گھريو سواءِ ان جي جيڪي شهنشاهہ جي حرم خاني جي نگران هيجا هن لاءِ تجويز ڪيو. جنهن بہ آستر کي ڏٺو ٿي، تنهن کي اُها وڻي ٿي ويئي.


شاهي حڪم موجب قاصد هڪدم روانا ٿي ويا ۽ اهو حڪم سوسن شهر جي شاهي قلعي ۾ بہ فوراً پڌرو ڪيو ويو. هوڏانهن شهنشاهہ ۽ هامان گڏ ويٺي مئي پئي پيتي، پر سوسن شهر جا رهواسي ڏاڍا پريشان ٿي ويا.


مردڪئيءَ اهو فرمان شهنشاهہ اخسويرس جي نالي سان لکيو، جنهن تي شهنشاهہ جي منڊيءَ سان مهر هنيائين. پوءِ اهي خط شاهي گھوڙي سوار ٽپالين جي هٿان ڏياري موڪليائين، جيڪي تيز رفتار گھوڙن تي چڙهي روانا ٿي ويا.


مردڪئيءَ اهي سڀ ڳالهيون لکيون ۽ شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ جيڪي اوري پري يهودي هئا تن سڀني ڏانهن خط اماڻيا.


انهن خطن ۾ کين لکيائين تہ اهي هر سال ادار مهيني جي چوڏهين ۽ پندرهين تاريخ تي عيد ملهائين.


اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن هر نسل ۾، هر خاندان، هر شهر ۽ هر صوبي ۾ اهي ڏينهن ياد رکيا وڃن ۽ ملهايا وڃن. يهودين کان پُوريم عيد جا اهي ٻئي ڏينهن ملهائجڻ کان رهجي نہ وڃن ۽ انهن جي يادگيري سندن اولاد مان اصل گم ٿي نہ وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ