Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 9:25 - Muslim Sindhi Bible

25 پر جڏهن ان منصوبي جي خبر شهنشاهہ تائين پهتي تہ هن فرمان جاري ڪري يهودين خلاف اها سازش موٽائي هامان جي ڳچيءَ ۾ وڌي ۽ هامان ۽ سندس پٽن کي ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 پر جڏهن اها ڳالهہ بادشاهہ جي اڳيان پيش ٿي، تڏهن هن خطن لکڻ سان حڪم ڏيئي هن جي شرارت واري رٿ، جا يهودين جي برخلاف سٽي هئائين، سا خود سندس گردن تي موٽائي آندي؛ ۽ هن کي سندس پٽن سميت سوريءَ تي چاڙهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 9:25
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن تون عرش عظيم مان ٻڌي پنهنجي ٻانهن جو انصاف ڪج. گنهگار کي سندس افعالن جي جوڳي سزا ڏج ۽ سچار کي بي‌ڏوهي قرار ڏيئي سندس سچائيءَ موجب اجر ڏج.


مردڪئيءَ جي يهودي هجڻ جو ٻڌڻ کان پوءِ هن رڳو مردڪئيءَ کي مارائڻ هڪ معمولي ڳالهہ سمجھيو، ڇاڪاڻ تہ هامان سوچيو پئي تہ فارس جي سڄيءَ شهنشاهت ۾ مردڪئيءَ سان گڏ سندس سڄي يهودي قوم کي بہ مارائي ڇڏجي.


سو هامان کي ان ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويو جيڪا هن مردڪئيءَ لاءِ ٺهرائي هئي. تڏهن وڃي شهنشاهہ جي ڪاوڙ جھڪي ٿي.


انهيءَ سبب جو آءٌ ۽ منهنجي قوم مارجي ناس ٿي وڃڻ لاءِ تباهيءَ جي حوالي ڪيا ويا آهيون. جيڪڏهن اسان کي رڳو غلاميءَ ۾ اڇلايو وڃي ها تہ آءٌ ٻڙڪ بہ نہ ڪڇان ها ۽ اوهان کي تڪليف نہ ڏيان ها. پر اسين صفا ناس ٿيڻ تي آهيون.“


تنهن تي شهنشاهہ اخسويرس راڻي آستر کان پڇيو تہ ”اُهو ڪير آهي؟ ڪٿي آهي اُهو، جنهن ايتري جرئت ڪئي آهي؟“


تيئن اي خداوند! هاڻ بدڪارن جون خواهشون پوريون ٿيڻ نہ ڏي، هائو، سندن انهن برن منصوبن کي ناڪام بڻائي ڇڏ.


جيڪي پنهنجا ڳاٽ اوچا ڪري چوڌاري مون کي گھيرو ڪن ٿا، تن جا بڇڙائيءَ وارا دڙڪا شال سندن مٿان ئي پون!


شل تہ اهي بڇڙا ماڻهو پنهنجن ڦندن ۾ پاڻ ئي ڦاسن، جڏهن تہ آءٌ سلامتيءَ سان بچي نڪران.


هنن جي لچائي موٽي اچي خود انهن جي مٿان پوي ٿي. هو جيڪو ظلم ڪن ٿا سو سندن ئي ڪنڌ تي اچي ڪڙڪي ٿو.


اي خداوند! آءٌ تنهنجي انصاف جو شڪرانو پيو ڪندس. آءٌ تو خداوند تعاليٰ جي نالي جي واکاڻ پيو ڳائيندس.


هو انهن کي سندن بدڪارين جو بدلو ضرور ڏيندو، هائو، هو انهن کي سندن بڇڙائيءَ ۾ برباد ڪري ڇڏيندو. بيشڪ خداوند اسان جو خدا انهن کي فنا ڪري ڇڏيندو.


جيڪو ٻين لاءِ کڏ کوٽي ٿو، سو پاڻ انهيءَ ۾ ڪرندو. جيڪو ٻين مٿان ڇپ اٽلائي ٿو، سا موٽي اچي انهيءَ مٿان ڪرندي.


بدڪارن کي خود پنهنجيون بڇڙايون پڪڙينديون. اهي پنهنجن ئي گناهن جي ڦندن ۾ ڦاسايا ويندا.


تنهن هوندي بہ جيڪا ڪلي هاڻي مضبوطيءَ سان لڳائي ويندي، سا ڪنهن ڏينهن مون قادرِمطلق جي فرمان موجب لوڏي لوڏي ڍلي ڪري هيٺ ڪيرائي ويندي. پوءِ انهيءَ تي ٽنگيل هر ڪا شيءِ ڪري ناس ٿي ويندي. اهو ئي مون خداوند جو فرمان آهي.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”بيشڪ اهو ڏينهن ويجھو آهي، جڏهن آءٌ خداوند سڀني قومن جي عدالت ڪندس. اي ادوم وارؤ! جيڪي ڪجھہ اوهان ٻين سان ڪيو آهي، سو ئي اوهان سان بہ ڪيو ويندو. هائو، اوهان جي انهيءَ عمل جو اوهان کان بدلو ورتو ويندو.


باقي، جيڪو بہ اُن پٿر تي ڪرندو، سو ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پوندو ۽ جنهن تي اهو پٿر ڪرندو، تنهن کي پيهي ڇڏيندو.“


جڏهن دائود ٻڌو تہ نابال مري ويو آهي تڏهن چوڻ لڳو تہ ”واکاڻ هجي انهيءَ خداوند جي، جنهن نابال کان منهنجي بي‌عزتيءَ جو بدلو ورتو ۽ پنهنجي ٻانهي کي بديءَ کان بچايو. اٽلندو نابال جي شرارت سندس ئي گردن ۾ وڌائين.“ پوءِ دائود ابيجيل ڏانهن ساڻس شادي ڪرڻ جو پيغام موڪليو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ