Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 9:22 - Muslim Sindhi Bible

22 انهيءَ ڪري جو انهن ڏينهن تي يهودين کي پنهنجن دشمنن کان آرام مليو ۽ ان مهيني ۾ سندن لاءِ ڏک بدلجي سک ٿيو ۽ سندن ماتم خوشيءَ ۾ تبديل ٿي ويو. هن انهن ڏانهن لکيو تہ هو اهي ڏينهن دعوتون کائڻ، هڪٻئي ڏانهن عيدون موڪلڻ ۽ غريبن ۾ خيراتون ڏيڻ سان ملهائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 جو اُهي ڏينهن آهن جن ۾ يهودين کي پنهنجن دشمنن کان آرام مليو، ۽ انهيءَ مهيني ۾ سندن لاءِ ڏک ڦري سک ٿيو، ۽ ماتم بدلجي خوشيءَ جو ڏينهن ٿيو: ۽ اهي مانيءَ جي مجلس ۽ خوشيءَ جا ڏينهن مقرر ڪن، ۽ هڪ ٻئي ڏانهن تحفا موڪلين ۽ غريبن کي بخششون ڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 9:22
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن خطن ۾ کين لکيائين تہ اهي هر سال ادار مهيني جي چوڏهين ۽ پندرهين تاريخ تي عيد ملهائين.


يهودين اها ڳالهہ قبول ڪئي ۽ جهڙيءَ طرح هنن اها خوشي ملهائي تهڙيءَ طرح هو مردڪئيءَ جي لکت موجب اها خوشي هر سال هميشہ لاءِ ملهائيندا رهيا.


آءٌ پنهنجي دل سان خداوند جي واکاڻ ڪريان ٿو، آءٌ هن جي ڪنهن بہ احسان کي نہ ٿو وساريان.


انهيءَ لاءِ تہ جيئن اهي غير قومن کان بدلو وٺن، ۽ انهن کي سزائون ڏين.


هاڻ تو ئي تہ منهنجي ماتم کي خوشيءَ جي ناچ ۾ تبديل ڪيو آهي. تو ئي تہ مون تان غم جو کٿو لاهي مون کي خوشيءَ جو سندرو ٻڌايو آهي،


تان‌تہ آءٌ دل وَ جان سان تنهنجي تعريف ڳائيندو رهان. اي خداوند، منهنجا خدا! آءٌ هميشہ هميشہ تنهنجو شڪر پيو ڪندس.


پر انهن جون پنهنجيون تلوارون سندن ئي دلين ۾ گھڙي وينديون، ۽ سندن تيرڪمان ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي پوندا.


اهڙيءَ طرح خداوند بني اسرائيل کي ڏکن ۽ تڪليفن کان ۽ انهيءَ سخت پورهئي کان آرام بخشيندو، جيڪو کانئن زور زبردستيءَ سان ڪرايو ويندو هو.


”چوٿين، پنجين، ستين توڙي ڏهين مهيني ۾ روزن رکڻ جي بدران هاڻي انهن ڏينهن تي اوهين يهوداہ وارا خوشي، مسرت ۽ شادمانيءَ جون عيدون ملهائيندا رهو. اوهين رڳو سچ ۽ امن سان محبت ڪندڙ ٿيو.“


سڀاڳا آهن اهي جيڪي ڏکويل آهن، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي تسلي ڏيندو.


پر هائو، جيڪو ڪجھہ اوهان جي وٽين ۽ ٿالهين ۾ آهي سو غريبن ۾ خيرات ڪندا تہ اوهان لاءِ سڀ ڪجھہ پاڪ ٿي پوندو.


هنن رڳو ايترو چيو تہ ”غريبن کي ياد رکجو.“ پر انهيءَ ڪم لاءِ تہ آءٌ اڳي ئي سرگرم هئس.


جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ جيڪڏهن اوهان جي پنهنجي قوم وارن منجھان ڪو غريب اوهان جي شهر ۾ اوهان وٽ رهندو هجي، تہ اوهين انهيءَ غريب ماڻهوءَ لاءِ پنهنجي دل سخت نہ ڪجو، نڪي کانئس پنهنجي مٺ بند ڪجو.


اها اوهين پنهنجي پٽ، ڌيءَ، ٻانهي، ٻانهيءَ ۽ پنهنجي شهر ۾ رهندڙ لاويءَ، ڌارئي، يتيم ۽ رن‌زال سميت


خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾، انهيءَ ئي عبادت واري جاءِ تي وڃي خوشيون ڪندي ملهائجو. جيئن تہ خداوند اوهان جي خدا اوهان جي سموري پيداوار ۾ ۽ اوهان جي هٿ جي سموري پورهئي ۾ برڪت وڌي آهي، سو اوهين پوريءَ طرح خوشيون ڪجو.


ڌرتيءَ تي رهڻ وارا انهن جي موت تي خوشيون ۽ جشن ڪندا رهيا ۽ هڪٻئي ڏانهن سوکڙيون موڪليندا رهيا، ڇاڪاڻ تہ خدا جو پيغام ڏيندڙ انهن ٻنهي شاهدن ڌرتيءَ وارن کي ڏاڍي تڪليف ڏني هئي.


تون انهن کان پڇندين تہ اهي تو کي ٻڌائيندا. تنهنڪري منهنجا هي نوڪر تو وٽ مان لهن، ڇو تہ اسين سٺن ڏينهن ۾ تو وٽ آيا آهيون. سو آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جيڪي بہ تو وٽ ٿي سگھي سو پنهنجي ٻانهن ۽ مون پنهنجي پٽ دائود کي ڏيئي ڇڏ.‘“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ