Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 9:21 - Muslim Sindhi Bible

21 انهن خطن ۾ کين لکيائين تہ اهي هر سال ادار مهيني جي چوڏهين ۽ پندرهين تاريخ تي عيد ملهائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 جن ۾ انهن کي تاڪيد ڪيائين تہ آدار مهيني جي چوڏهين تاريخ، ۽ پندرهين تاريخ وارا ڏينهن هر سال عيد ڪن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 9:21
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهڙيءَ طرح دارا شهنشاهہ جي شاهيءَ جي ڇهين سال ۾ ادار مهيني جي ٽين تاريخ تي هيڪل جڙي راس ٿي.


شهنشاهہ اخسويرس جي شاهيءَ جي ٻارهين سال جي پهرئين مهيني يعني نيسان مهيني ۾ هامان جي مرضيءَ مطابق يهودي قوم کي قتل ڪرڻ واسطي ڏينهن ۽ مهينو چونڊڻ لاءِ ”پُوريم“ يعني ڪڻو وڌو ويو. انهيءَ ڪڻي ۾ ٻارهين مهيني يعني ادار مهيني جي تيرهين تاريخ نڪتي.


اهو ئي سبب هو جو جيڪي ٻهراڙيءَ وارا يهودي هئا سي اڄ ڏينهن تائين ادار مهيني جي چوڏهين تاريخ عيد جو ڏينهن ڪري ملهائيندا آهن ۽ هڪٻئي کي عيدون ڏيئي خوشيون ڪندا آهن. جيڪي يهودي سوسن شهر ۾ هئا سي تيرهين تاريخ کان علاوہ چوڏهين تاريخ تي بہ پنهنجي دشمنن تي حملو ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا. سو هنن پندرهين تاريخ تي اهو ڪم نہ ڪيو بلڪ دعوتون ڪندي خوشيون ملهايائون.


مردڪئيءَ اهي سڀ ڳالهيون لکيون ۽ شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ جيڪي اوري پري يهودي هئا تن سڀني ڏانهن خط اماڻيا.


انهيءَ ڪري جو انهن ڏينهن تي يهودين کي پنهنجن دشمنن کان آرام مليو ۽ ان مهيني ۾ سندن لاءِ ڏک بدلجي سک ٿيو ۽ سندن ماتم خوشيءَ ۾ تبديل ٿي ويو. هن انهن ڏانهن لکيو تہ هو اهي ڏينهن دعوتون کائڻ، هڪٻئي ڏانهن عيدون موڪلڻ ۽ غريبن ۾ خيراتون ڏيڻ سان ملهائين.


يهودين اهو رواج قائم ڪرڻ پاڻ تي لازم ڪري ورتو تہ هو پاڻ، سندن اولاد ۽ اهي جيڪي يهودي بڻيا هئا، تن تي لازم آهي تہ هر سال اهي ٻہ ڏينهن مقرر طريقي سان ۽ مقرر وقت تي عيد ڪري ملهائيندا.


راڻي آستر ولد ابيخيل مردڪئيءَ سان گڏجي پوري اختياريءَ سان ٻئي خط ۾ پُوريم عيد کي قائم رکڻ بابت لکيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ