آستر 9:20 - Muslim Sindhi Bible20 مردڪئيءَ اهي سڀ ڳالهيون لکيون ۽ شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ جيڪي اوري پري يهودي هئا تن سڀني ڏانهن خط اماڻيا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible20 پوءِ مردڪئي هي ڳالهيون لکيون، ۽ بادشاهہ اخسويرس جي سڀني پرڳڻن ۾ جيڪي يهودي هئا، تن سڀني ڏانهن، ويجهو توڙي پري، خط لکي موڪليائين، အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ پهرئين مهيني جي تيرهين تاريخ شاهي ڪاتبن کي سڏايو ويو. جيئن هامان کين حڪم ڏنو تيئن هُنن شهنشاهہ جي سڀني نائبن، سڀني صوبن جي گورنرن ۽ سڀني ماڻهن جي اڳواڻن ڏانهن لکيو. اهي خط هر صوبي جي رسمالخط ۽ هر قوم جي ٻوليءَ ۾ لکيا ويا. اهي خط شهنشاهہ اخسويرس جي نالي سان لکيا ويا ۽ انهن تي شاهي منڊيءَ جي مُهر لڳائي ويئي.
تڏهن انهيءَ ئي مهل شاهي منشين کي گھرايو ويو. اها ٽئين مهيني يعني سَيوان مهيني جي ٽيويهين تاريخ هئي. هنن مردڪئيءَ جا سمورا حڪم هندستان کان وٺي سوڊان ملڪ جي يهودين، گورنرن، حاڪمن ۽ صوبن جي عملدارن ڏانهن موڪلي ڏنا. اهي حڪم شهنشاهت جي سڀني هڪ سؤ ستاويهہ صوبن ڏانهن هر هڪ قوم جي رسمالخط ۽ ٻوليءَ ۾ ۽ يهودين ڏانهن سندن رسمالخط ۽ ٻوليءَ ۾ پڻ لکيا ويا.