Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 9:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ يهودي پنهنجي پنهنجي شهر ۾ اچي گڏ ٿيا تہ جيئن سندن تباهي چاهيندڙن تي حملو ڪن. پر ڪوبہ انهن جي سامهون نہ بيهي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ ٻين قوميتن وارا کانئن ڊنل هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 تڏهن يهودي، بادشاهہ اخسويرس جي سڀني پرڳڻن جي شهرن ۾ گڏ ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ جن ماڻهن کين نقصان پهچائڻ ٿي چاهيو، تن تي هٿ کڻن: ۽ ڪوبہ ماڻهو هنن کي روڪي ڪين سگهيو؛ ڇالاءِ جو هنن جو خوف سڀني قومن تي پيل هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 9:2
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هو اتان روانا ٿيا. هنن جي آس‌پاس جي شهرن کي اهڙو تہ خوف وٺي ويو جو ڪنهن بہ ماڻهوءَ سندن پيڇو ڪونہ ڪيو.


انهن خطن ۾ لکيل شاهي فرمان مطابق هر شهر جي يهودين کي اها اجازت مليل هئي تہ اهي پاڻ ۾ گڏ ٿي پنهنجو بچاءُ ڪن. جيڪڏهن ڪنهن بہ قوم جو ڪوبہ لشڪر مٿن حملو ڪري تہ هو انهيءَ لشڪر، سندن عورتن ۽ سندن ٻارن تي حملو ڪري کين ماري ڇڏين ۽ ناس ڪن ۽ انهن جو مال ملڪيت لٽي پنهنجي قبضي هيٺ ڪن.


هر ڪنهن شهر ۽ هر ڪنهن صوبي ۾ جتي جتي اهو شاهي فرمان پهتو، اتي اتي يهودين ۾ تمام گھڻي خوشي ۽ سرهائي ٿي. هنن دعوتون ڪندي خوشيون پئي ملهايون. ٻين قوميتن وارا ڪيترائي ماڻهو يهودي بڻيا، ڇاڪاڻ تہ يهودين جو خوف انهن تي ڇانئجي ويو هو.


اِهي يهودين جي دشمن هامان ولد همداتا جا ڏهہ پٽ هئا. پر يهودين ڦرلُٽ لاءِ پنهنجا هٿ ڪين وڌايا.


جيڪي منهنجو نقصان ٿا چاهين سي شل ذليل وَ خوار ٿين. هائو، جيڪي مون تي تهمتون ٿا هڻن، سي شل خوار خراب ٿي ناس ٿي وڃن.


منهنجي زبان سڄو ڏينهن تنهنجي سچائيءَ جو بيان ڪندي رهندي، ڇو تہ جن منهنجو نقصان پئي چاهيو، سي شڪست کائي خوار خراب ٿيا آهن.


آءٌ اوهان جي دشمنن جي دلين ۾ پنهنجي دهشت اڳ ۾ ئي وجھي ڇڏيندس. پوءِ جن ماڻهن تي اوهين حملو ڪندا تن سڀني کي آءٌ شڪست ڏيندس. اوهان جي سڀني دشمنن کي آءٌ اوهان جي سامهون پٺي ڏياري ڀڄائيندس.


اي غير قومون! ڀلي اوهين جنگ لاءِ پاڻ ۾ گڏجي وڃو، پر ياد رکو، اوهان سڀني کي چيڀاٽيو ويندو. ڪن ڏيئي ٻڌو، اي ڏورانهن ملڪن جا رهاڪؤ! اوهين سڀيئي ڀلي جنگ لاءِ سندرو ٻڌو، پر اوهين دهشت ۾ وٺجي ويندا. هائو، اوهين ڀلي جنگ لاءِ سندرو ٻڌو، پر ياد رکو، دهشت اوهان کي وڪوڙي ويندي.


پر حشبون جي بادشاهہ سيحون اسان کي پنهنجي ملڪ مان لنگھي وڃڻ نہ ڏنو. خداوند اسان جي خدا هن جو مزاج تيز ۽ دل سخت ڪئي هئي، انهيءَ لاءِ تہ هو انهيءَ کي اوهان جي حوالي ڪري، جيڪو اڄ تائين اسان جي حوالي آهي.


ان جو سبب هي هو جو خداوند ئي هنن جون دليون سخت ڪيون هيون تہ جيئن اهي بني اسرائيل سان اچي جنگ ڪن ۽ بني اسرائيل هنن کي صفا ناس ڪري ڇڏين ۽ سمورا بي‌رحميءَ سان ماريا وڃن، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


۽ کين چيائين تہ ”مون کي خبر آهي تہ خداوند هي ملڪ اوهان کي ڏيئي ڇڏيو آهي. اوهان جو ڊپ اسان تي ايترو تہ وٺي ويو آهي جو هن ملڪ جا سڀ رهاڪو اوهان بني اسرائيل جي خوف کان هيسجي ويا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ