Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 9:18 - Muslim Sindhi Bible

18-19 اهو ئي سبب هو جو جيڪي ٻهراڙيءَ وارا يهودي هئا سي اڄ ڏينهن تائين ادار مهيني جي چوڏهين تاريخ عيد جو ڏينهن ڪري ملهائيندا آهن ۽ هڪٻئي کي عيدون ڏيئي خوشيون ڪندا آهن. جيڪي يهودي سوسن شهر ۾ هئا سي تيرهين تاريخ کان علاوہ چوڏهين تاريخ تي بہ پنهنجي دشمنن تي حملو ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا. سو هنن پندرهين تاريخ تي اهو ڪم نہ ڪيو بلڪ دعوتون ڪندي خوشيون ملهايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 پر جيڪي يهودي سوسن ۾ هئا سي اُن جي تيرهين تاريخ، ۽ چوڏهين تاريخ گڏ ٿيا؛ ۽ ساڳئي مهيني جي پندرهين تاريخ هنن آرام ورتو، ۽ اُهو ڏينهن مانيءَ جي مجلس ۽ خوشيءَ جو ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 9:18
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن خطن ۾ لکيل شاهي فرمان مطابق هر شهر جي يهودين کي اها اجازت مليل هئي تہ اهي پاڻ ۾ گڏ ٿي پنهنجو بچاءُ ڪن. جيڪڏهن ڪنهن بہ قوم جو ڪوبہ لشڪر مٿن حملو ڪري تہ هو انهيءَ لشڪر، سندن عورتن ۽ سندن ٻارن تي حملو ڪري کين ماري ڇڏين ۽ ناس ڪن ۽ انهن جو مال ملڪيت لٽي پنهنجي قبضي هيٺ ڪن.


ٻارهين مهيني ادار جي تيرهين تاريخ تي پهرئين شاهي فرمان تي عمل ٿيڻو هو. ان ڏينهن تي يهودين جي دشمنن کي اميد هئي تہ هو کين ماري مڃائيندا، پر معاملو انهيءَ جي ابتڙ ٿي پيو ۽ يهودي پنهنجن مخالفن تي غالب اچي ويا.


سوسن جي شاهي قلعي ۾ مارجي وڃڻ وارن جو تعداد ان ساڳئي ڏينهن تي شهنشاهہ کي ٻڌايو ويو.


تنهن تي آستر کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن شهنشاهہ جي مرضي هجي تہ جيڪو ڪم سوسن ۾ رهندڙ يهودين اڄ ڪيو تنهن جي سڀاڻي لاءِ بہ اجازت ڏني وڃي ۽ هامان جي ڏهن ئي پٽن جا لاش ڦاهيءَ تي لڙڪايا وڃن.“


سوسن ۾ رهندڙ يهودي ادار مهيني جي چوڏهين تاريخ تي بہ گڏ ٿيا ۽ ٽي سؤ ماڻهن کي ماري ڇڏيائون، پر هنن ڪابہ ڦرلُٽ ڪانہ ڪئي.


تڏهن شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ يهودي پنهنجي پنهنجي شهر ۾ اچي گڏ ٿيا تہ جيئن سندن تباهي چاهيندڙن تي حملو ڪن. پر ڪوبہ انهن جي سامهون نہ بيهي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ ٻين قوميتن وارا کانئن ڊنل هئا.


انهن خطن ۾ کين لکيائين تہ اهي هر سال ادار مهيني جي چوڏهين ۽ پندرهين تاريخ تي عيد ملهائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ