Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 9:16 - Muslim Sindhi Bible

16-17 شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ ٻيا جيڪي يهودي هئا سي بہ ادار مهيني جي تيرهين تاريخ تي پنهنجي حفاظت لاءِ گڏ ٿيا ۽ پنهنجن دشمنن کان سک جو ساهہ کنيائون. هنن انهن نفرت ڪندڙن مان پنجهتر هزار ماڻهن کي ماري ڇڏيو، پر ڦرلُٽ ڪين ڪيائون. چوڏهين تاريخ تي هنن اهو ڪم نہ ڪيو پر دعوتون ڪيائون ۽ خوشيون ملهايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ بادشاهہ جي پرڳڻن ۾ ٻيا جيڪي يهودي هئا سي گڏ ٿيا، ۽ پنهنجي ساهہ بچائڻ لاءِ کڙا ٿيا، ۽ پنهنجن دشمنن کان آزاد ٿي آرام ورتائون، ۽ پنجهتر هزار دشمن ماريائون؛ پر لٽ جي مال کي هنن هٿ نہ لاتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 9:16
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ يعقوب جي پٽن لاشن ۽ شهر کي لٽيو، جتي سندن ڀيڻ جي عزت لُٽي ويئي هئي.


انهن خطن ۾ لکيل شاهي فرمان مطابق هر شهر جي يهودين کي اها اجازت مليل هئي تہ اهي پاڻ ۾ گڏ ٿي پنهنجو بچاءُ ڪن. جيڪڏهن ڪنهن بہ قوم جو ڪوبہ لشڪر مٿن حملو ڪري تہ هو انهيءَ لشڪر، سندن عورتن ۽ سندن ٻارن تي حملو ڪري کين ماري ڇڏين ۽ ناس ڪن ۽ انهن جو مال ملڪيت لٽي پنهنجي قبضي هيٺ ڪن.


تڏهن شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ يهودي پنهنجي پنهنجي شهر ۾ اچي گڏ ٿيا تہ جيئن سندن تباهي چاهيندڙن تي حملو ڪن. پر ڪوبہ انهن جي سامهون نہ بيهي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ ٻين قوميتن وارا کانئن ڊنل هئا.


انهيءَ لاءِ تہ جيئن اهي غير قومن کان بدلو وٺن، ۽ انهن کي سزائون ڏين.


پر انهن جون پنهنجيون تلوارون سندن ئي دلين ۾ گھڙي وينديون، ۽ سندن تيرڪمان ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي پوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ