Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 9:14 - Muslim Sindhi Bible

14 سو شهنشاهہ ائين ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سوسن شهر ۾ فرمان جاري ڪيو ويو ۽ هامان جي ڏهن ئي پٽن جا لاش ڦاهيءَ تي لڙڪايا ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ بادشاهہ ائين ڪرڻ جو حڪم ڏنو؛ ۽ سوسن ۾ اهڙو فرمان جاري ٿي ويو؛ ۽ هامان جا ڏهہ پٽ سوريءَ تي چاڙهيا ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 9:14
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ حڪم ٿو جاري ڪريان تہ منهنجي شهنشاهت مان بني اسرائيل جا ماڻهو، ڪاهنن ۽ لاوين سميت جيڪي بہ تو سان گڏ يروشلم ڏانهن وڃڻ گھرن سي ڀلي وڃن.


سو هامان کي ان ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويو جيڪا هن مردڪئيءَ لاءِ ٺهرائي هئي. تڏهن وڃي شهنشاهہ جي ڪاوڙ جھڪي ٿي.


تڏهن شهنشاهہ جي حضور ۾ بيٺل خدمتگارن مان خربوناہ نالي هڪڙي چيو تہ ”هامان جي گھر جي ڀرسان ٻاويهہ ميٽر ڊگھي ڦاهي ٺهيل هئي، جيڪا هامان مردڪئيءَ لاءِ ٺهرائي هئي جنهن اوهان شهنشاهہ سلامت جي زندگي بچائي هئي.“ تنهن تي شهنشاهہ حڪم ڏنو تہ ”انهيءَ ڦاهي تي هن کي لٽڪايو وڃي.“


تنهن تي آستر کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن شهنشاهہ جي مرضي هجي تہ جيڪو ڪم سوسن ۾ رهندڙ يهودين اڄ ڪيو تنهن جي سڀاڻي لاءِ بہ اجازت ڏني وڃي ۽ هامان جي ڏهن ئي پٽن جا لاش ڦاهيءَ تي لڙڪايا وڃن.“


سوسن ۾ رهندڙ يهودي ادار مهيني جي چوڏهين تاريخ تي بہ گڏ ٿيا ۽ ٽي سؤ ماڻهن کي ماري ڇڏيائون، پر هنن ڪابہ ڦرلُٽ ڪانہ ڪئي.


بدڪارن جي جڏهن پڇاڙي ٿئي ٿي، تڏهن هو هميشہ لاءِ نيست وَ نابود ٿيو وڃن. مگر سچار ماڻهن جا گھراڻا هميشہ قائم رهندا ٿا اچن.


مثال طور ڪو ماڻهو وڏيءَ ڄمار تائين جيئرو رهي ۽ کيس سؤ ٻار کڻي ڄمن. پر جيڪڏهن هو پنهنجي انهيءَ ڊگھي حياتيءَ ۾ بہ خوشين کان محروم رهي ۽ مرڻ بعد کيس اها عزت نہ ملي جو دفن ڪيو وڃي، تڏهن آءٌ چوان ٿو تہ انهيءَ ماڻهوءَ کان تہ مئل ڄاول ٻار وڌيڪ بهتر آهي.


بلعام پنهنجو الهامي گفتو جاري رکندي چوڻ لڳو تہ ”هاڻي آءٌ رويا ۾ عماليقي قوم ڏسان ٿو، جيڪا سڀ کان طاقتور آهي، پر انهيءَ جو انجام بربادي ٿيندو.“


هاڻ مسيح اسان جي بدران عيوضو ڏيئي شريعت تي عمل نہ ڪرڻ واري لعنت کان اسان کي ڇڏايو. هائو، هو صليب تي چڙهي اسان جي واسطي پاڻ لعنتي بڻيو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ