Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 9:1 - Muslim Sindhi Bible

1 ٻارهين مهيني ادار جي تيرهين تاريخ تي پهرئين شاهي فرمان تي عمل ٿيڻو هو. ان ڏينهن تي يهودين جي دشمنن کي اميد هئي تہ هو کين ماري مڃائيندا، پر معاملو انهيءَ جي ابتڙ ٿي پيو ۽ يهودي پنهنجن مخالفن تي غالب اچي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 هاڻي ٻارهين مهيني، يعني آدار مهيني جي تيرهين تاريخ جڏهن بادشاهہ جي حڪم ۽ فرمان جي تعميل ٿيڻ جو وقت اچي ويجهو ٿيو، جنهن ڏينهن يهودين جي دشمنن کي اُميد هئي تہ انهن تي غالب ٿيندا؛ ۽ ڳالهہ انهيءَ جي اُبتڙ ٿي پيئي، جو يهودي پنهنجن دشمنن تي غالب پيا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 9:1
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو منهنجي اڳيان انهن دشمنن کي پٺ ڏياري ڀڄائي ڪڍيو، تان‌تہ آءٌ انهن کي نابود ڪريان جن مون کي ڌڪاريو ٿي.


قاصدن ذريعي اهي خط شهنشاهت جي سڀني صوبن ڏانهن اُماڻيا ويا، جن ۾ لکيل هو تہ ”ٻارهين يعني ادار مهيني جي تيرهين تاريخ هڪ ئي ڏينهن تي سڀني يهودين، ننڍن توڙي وڏن، عورتن توڙي معصوم ٻارڙن کي ڪهي نيست وَ نابود ڪيو وڃي ۽ انهن جو مال ملڪيت لُٽيو ڦريو وڃي.“


شهنشاهہ اخسويرس جي شاهيءَ جي ٻارهين سال جي پهرئين مهيني يعني نيسان مهيني ۾ هامان جي مرضيءَ مطابق يهودي قوم کي قتل ڪرڻ واسطي ڏينهن ۽ مهينو چونڊڻ لاءِ ”پُوريم“ يعني ڪڻو وڌو ويو. انهيءَ ڪڻي ۾ ٻارهين مهيني يعني ادار مهيني جي تيرهين تاريخ نڪتي.


ائين ڪرڻ لاءِ يهودين واسطي شهنشاهہ اخسويرس جي شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ اڳ ۾ وڌل ڪڻي مطابق ٻارهين مهيني يعني ادار مهيني جي تيرهين تاريخ تي هڪڙو ئي ڏينهن مقرر ڪيو ويو.


انهيءَ سبب جو جيڪا مصيبت منهنجي قوم تي ايندي سا آءٌ ڪيئن پنهنجي اکين سان ڏسي سگھنديس! جيڪا تباهي وَ بربادي منهنجي مائٽن جي ٿيندي سا آءٌ ڪيئن برداشت ڪري سگھنديس!“


تو منهنجي اڳيان انهن دشمنن کي پٺ ڏياري ڀڄائي ڪڍيو، تان‌تہ آءٌ انهن کي نابود ڪريان جن مون کي ڌڪاريو ٿي.


هاڻ تو ئي تہ منهنجي ماتم کي خوشيءَ جي ناچ ۾ تبديل ڪيو آهي. تو ئي تہ مون تان غم جو کٿو لاهي مون کي خوشيءَ جو سندرو ٻڌايو آهي،


جڏهن پطرس هوش ۾ آيو، تڏهن چوڻ لڳو تہ ”هاڻي مون کي پڪ ٿي تہ خداوند پنهنجو ملائڪ موڪلي مون کي هيروديس جي چنبي کان آزاد ڪيو آهي ۽ يهودي ماڻهن جي سمورين اميدن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو اٿس.“


بيشڪ جڏهن خداوند ڏسندو تہ سندس قوم ۾ ڪا طاقت نہ رهي آهي، ايتري قدر جو ڄڻ تہ قيدين توڙي آزادن مان ڪوبہ جيئرو ناهي رهيو، تڏهن هو پنهنجي قوم تي قياس ڪري سندن حق ۾ فيصلو ڏيندو.


قومن کي ڪاوڙ لڳي ۽ تنهنجو غضب نازل ٿيو. هاڻ اهو وقت اچي ويو آهي، جڏهن مري ويلن جو انصاف ٿيندو. هائو، تنهنجا ٻانها، يعني تو خدا جو پيغام ڏيندڙ ۽ مسيح ۾ چونڊي سڀيئي پاڪ ڪيل ننڍا توڙي وڏا، جيڪي تنهنجو خوف رکن ٿا، تن کي سندن اجر ڏنو ويندو، ۽ جيڪي ڌرتيءَ کي برباد ڪن ٿا، تن کي برباد ڪيو ويندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ