Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 8:9 - Muslim Sindhi Bible

9 تڏهن انهيءَ ئي مهل شاهي منشين کي گھرايو ويو. اها ٽئين مهيني يعني سَيوان مهيني جي ٽيويهين تاريخ هئي. هنن مردڪئيءَ جا سمورا حڪم هندستان کان وٺي سوڊان ملڪ جي يهودين، گورنرن، حاڪمن ۽ صوبن جي عملدارن ڏانهن موڪلي ڏنا. اهي حڪم شهنشاهت جي سڀني هڪ سؤ ستاويهہ صوبن ڏانهن هر هڪ قوم جي رسم‌الخط ۽ ٻوليءَ ۾ ۽ يهودين ڏانهن سندن رسم‌الخط ۽ ٻوليءَ ۾ پڻ لکيا ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 تڏهن اُتي جو اُتي، ٽئين مهيني، يعني سيوان مهيني جي ٽيويهين تاريخ، بادشاهہ جا محرر سڏيا ويا؛ ۽ جيڪو حڪم مردڪئي يهودين جي نالي، ۽ نائبن، ۽ هندوستان کان وٺي حبش تائين جيڪي ستاويهہ پرڳڻا هئا، تن جي لاوين، ۽ سردارن جي نالي ڪڍيو، سو سڀ ڪنهن پرڳڻي ڏانهن ان جي اکرن ۾، ۽ سڀ ڪنهن قوم ڏانهن اُن جي ٻوليءَ ۾، ۽ يهودين ڏانهن سندن اکرن ۽ سندن ٻوليءَ ۾ لکيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 8:9
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن عملدار اعليٰ کي الياقيم، شبناہ ۽ يوآخ چيو تہ ”سائين! مهرباني ڪري اسان سان ارامي ٻوليءَ ۾ ڳالهايو، ڇو تہ اسين اُها سمجھون ٿا. يهوداہ وارن جي ٻوليءَ ۾ اسان سان نہ ڳالهايو، ڇو تہ ڀت تي ويٺل ماڻهو ٻڌن ٿا.“


سو آسا جي بادشاهيءَ جي پندرهين سال جي ٽئين مهيني ۾ اهي سڀيئي يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا.


هي واقعو فارس جي بادشاهہ اخسويرس جي دور جو آهي. هي اهو اخسويرس آهي جيڪو هندستان کان وٺي سوڊان تائين هڪ سؤ ستاويهہ صوبن جو شهنشاهہ هو.


هن پنهنجي شهنشاهت جي سڀني صوبن ڏانهن هر قوم جي رسم‌الخط ۽ سندن ٻوليءَ ۾ خط لکيا تہ هر ڪو مرد پنهنجي پنهنجي گھر جو حاڪم آهي ۽ ان تي پنهنجو اختيار هلائي سگھي ٿو.


شهنشاهہ اخسويرس پنهنجي سڄي شهنشاهت ۾ ويندي سمنڊ جي ڏورانهن ٻيٽن تائين رعيت مٿان ڍل مقرر ڪئي.


بادشاهہ نبوڪدنضر سڄيءَ دنيا جي قومن ۽ قبيلن توڙي مختلف ٻوليون ڳالهائڻ وارن سڀني ڏانهن هي پيغام موڪليو تہ ”اي روءِزمين جا رهاڪؤ! شل اوهان تي گھڻي کان گھڻي سلامتي هجي.


بادشاهہ دارا فيصلو ڪيو تہ هو پنهنجي سلطنت تي هڪ سؤ ويهہ والي مقرر ڪري، جيڪي سڀني علائقن تي حڪومت ڪن.


انهيءَ کان پوءِ بادشاهہ دارا سڄيءَ دنيا ۾ رهندڙ سڀني قومن ۽ قبيلن توڙي مختلف ٻوليون ڳالهائڻ وارن ڏانهن هي خط لکيو تہ ”شل اوهان تي گھڻي کان گھڻي سلامتي هجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ