آستر 8:8 - Muslim Sindhi Bible8 تنهنڪري هاڻ، اوهان کي جيئن وڻي تيئن اوهين بہ يهودين ڏانهن مون شهنشاهہ جي نالي لکو ۽ انهيءَ تي منهنجي مهر هڻو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو بہ خط شهنشاهہ جي نالي سان لکيو ويندو آهي ۽ انهيءَ تي شهنشاهہ جي منڊيءَ جي مهر هنئي ويندي آهي، تہ انهيءَ کي ڪوبہ ماڻهو رد نہ ٿو ڪري سگھي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible8 اوهان کي جيئن وڻي تيئن اوهين بہ يهودين کي بادشاهہ جي نالي سان لکو، ۽ اُنهيءَ تي بادشاهہ جي مهر هڻو: ڇالاءِ جو جيڪو لکيو بادشاهہ جي نالي سان لکيو ويو آهي، ۽ جنهن تي بادشاهہ جي مُنڊيءَ جي مهر هنئي ويئي آهي، تنهن کي ڪوبہ ماڻهو رد ڪري نٿو سگهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ پهرئين مهيني جي تيرهين تاريخ شاهي ڪاتبن کي سڏايو ويو. جيئن هامان کين حڪم ڏنو تيئن هُنن شهنشاهہ جي سڀني نائبن، سڀني صوبن جي گورنرن ۽ سڀني ماڻهن جي اڳواڻن ڏانهن لکيو. اهي خط هر صوبي جي رسمالخط ۽ هر قوم جي ٻوليءَ ۾ لکيا ويا. اهي خط شهنشاهہ اخسويرس جي نالي سان لکيا ويا ۽ انهن تي شاهي منڊيءَ جي مُهر لڳائي ويئي.