Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 8:6 - Muslim Sindhi Bible

6 انهيءَ سبب جو جيڪا مصيبت منهنجي قوم تي ايندي سا آءٌ ڪيئن پنهنجي اکين سان ڏسي سگھنديس! جيڪا تباهي وَ بربادي منهنجي مائٽن جي ٿيندي سا آءٌ ڪيئن برداشت ڪري سگھنديس!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ڇالاءِ جو جيڪا مصيبت منهنجي قوم تي ايندي، سا ڀلا آءٌ ڪهڙيءَ طرح ڏسي سگهنديس؟ ۽ جيڪا تباهي منهنجي مٽن مائٽن تي ايندي، سا آءٌ ڪيئن برداشت ڪري سگهنديس؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 8:6
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ سبب جو جيڪڏهن ڇوڪر مون سان نہ هوندو تہ پوءِ آءٌ ڪهڙو منهن کڻي پنهنجي پيءُ وٽ ويندس؟ خدا نہ ڪري جو مون کي اها مصيبت ڏسڻي پوي جيڪا منهنجي پيءُ تي ايندي.“


پر مون بادشاهہ کي چيو تہ ”بادشاهہ سلامت! منهنجو منهن ڇو نہ لٿل هجي، جڏهن تہ اهو شهر جنهن ۾ منهنجا ابا ڏاڏا دفن ٿيل آهن، سو ويران ڪيو ويو آهي ۽ ان جا دروازا ساڙيا ويا آهن؟“


انهيءَ سبب جو آءٌ ۽ منهنجي قوم مارجي ناس ٿي وڃڻ لاءِ تباهيءَ جي حوالي ڪيا ويا آهيون. جيڪڏهن اسان کي رڳو غلاميءَ ۾ اڇلايو وڃي ها تہ آءٌ ٻڙڪ بہ نہ ڪڇان ها ۽ اوهان کي تڪليف نہ ڏيان ها. پر اسين صفا ناس ٿيڻ تي آهيون.“


ٻارهين مهيني ادار جي تيرهين تاريخ تي پهرئين شاهي فرمان تي عمل ٿيڻو هو. ان ڏينهن تي يهودين جي دشمنن کي اميد هئي تہ هو کين ماري مڃائيندا، پر معاملو انهيءَ جي ابتڙ ٿي پيو ۽ يهودي پنهنجن مخالفن تي غالب اچي ويا.


هاءِ منهنجي دل! هاءِ منهنجي دل! منهنجي دل ڏاڍي تڪليف ۾ آهي. منهنجي دل ڏاڍي تڙپي ٿي! مون کان ماٺ ٿي نہ ٿي سگھي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ نفيلن جو آواز ۽ جنگ جا نعرا ٻڌان ٿو.


ڪاش! منهنجي اندر ۾ لڙڪن جو کوهہ هجي ها، ۽ منهنجيون اکيون ڳوڙهن جو چشمو هجن ها. انهيءَ لاءِ تہ آءٌ رات ڏينهن پنهنجي قوم جي ڪوس تي روئندو رهان ها.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! منهنجي دلي تمنا آهي تہ بني اسرائيل کي ڇوٽڪارو ملي ۽ انهيءَ لاءِ آءٌ خدا جي در دعاڳو آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ