Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 8:5 - Muslim Sindhi Bible

5 هوءَ کيس چوڻ لڳي تہ ”جيڪڏهن شهنشاهہ مون سان راضي آهي ۽ مون سندس نظر ۾ عزت ۽ مان لڌو آهي ۽ جيڪڏهن هو مون تي مهرباني ڪري ۽ مناسب سمجھي تہ اهڙو حڪم‌نامو جاري ڪيو وڃي جو جيڪي خط هامان ولد همداتا اجاجيءَ شهنشاهہ جي سڀني صوبن ۾ رهندڙ يهودين کي قتل ڪرڻ لاءِ روانا ڪيا هئا سي رد ڪيا وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ چوڻ لڳي تہ جي بادشاهہ راضي هجي، ۽ جي مون سندس نظر ۾ مانُ لڌو هجي، ۽ جي اها ڳالهہ بادشاهہ مناسب ڄاڻي، ۽ آءٌ سندس نظر ۾ پسند هجان، تہ اهڙو حڪم لکيو وڃي تہ جيڪي خط هامان بن همداتا اجاجيءَ تجويز ڪري لکيا هئا، تہ جيڪي يهودي بادشاهہ جي سڀني پرڳڻن ۾ آهن، سي ناس ٿين، سي رد ڪيا وڃن:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 8:5
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شهنشاهہ سڀني عورتن کان وڌيڪ آستر سان پيار ڪيو ۽ آستر سڀني ڇوڪرين کان وڌيڪ شهنشاهہ جي نظر ۾ مان لڌو ۽ کيس پسند آئي. سو شهنشاهہ شاهي تاج کڻي سندس مٿي تي رکيو ۽ کيس وشتيءَ جي جاءِ تي راڻي بڻايائين.


پوءِ جيڪا جوان ڇوڪري شهنشاهہ کي وڻي سا وشتيءَ جي جاءِ تي سندس راڻي ٿئي. اها صلاح شهنشاهہ کي ڏاڍي وڻي سو هن ائين ئي ڪيو.


ڪجھہ وقت کان پوءِ شهنشاهہ اخسويرس هامان اجاجي ولد همداتا کي ترقي ڏيئي کيس سرفراز ڪيو ۽ پنهنجي سڀني اميرن کان مٿاهون درجو ڏنائينس.


جيڪڏهن شهنشاهہ مون تي مهر جي نظر ڪئي آهي ۽ شهنشاهہ منهنجو عرض قبول ڪرڻ گھري ٿو تہ سڀاڻي اوهين شهنشاهہ ۽ هامان مون وٽ ٻيهر دعوت کائڻ لاءِ اچو جيڪا آءٌ اوهان لاءِ تيار ڪنديس. پوءِ آءٌ شهنشاهہ سلامت آڏو پنهنجي خواهش بيان ڪنديس.“


تڏهن راڻي آستر کيس ورندي ڏيندي چيو تہ ”اي شهنشاهہ سلامت! جيڪڏهن مون اوهان جي نظر ۾ عزت ۽ مان لڌو آهي ۽ اوهين جي مناسب سمجھو تہ مون کي ۽ منهنجي قوم کي جيئدان ڏنو وڃي. اهو ئي منهنجو عرض آهي ۽ اها ئي منهنجي خواهش آهي.


سو منهنجو عرض آهي تہ جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي تہ هاڻي مون کي پنهنجي راهہ ڏيکار، تہ جيئن آءٌ تنهنجي خدمت ڪندو رهان ۽ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي هميشہ رهي. اهو خيال پڻ رک تہ هيءَ قوم تنهنجي ئي آهي.“


هن ڪري جو پوءِ اها خبر ڪيئن پوندي تہ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي ۽ تنهنجي قوم تي آهي؟ اها خبر انهيءَ ڳالهہ مان ئي پوندي جو تون اسان سان گڏ هلندو رهين، تہ جيئن آءٌ ۽ تنهنجي قوم سڄيءَ دنيا جي قومن کان ڌار ليکجون.“


هن چيو تہ ’آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي وڃڻ ڏي، ڇاڪاڻ تہ اسان جي گھراڻي کي شهر ۾ هڪڙي قرباني ڪرڻي آهي ۽ منهنجي ڀاءُ مون کي اتي حاضر رهڻ لاءِ چيو آهي. هاڻي جيڪڏهن تنهنجي مون تي مهربانيءَ جي نظر ٿئي تہ مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃي پنهنجي ڀائرن سان ملان.‘ اهو ئي سبب آهي جو هو توهان جي دسترخوان تي حاضر نہ آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ