Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 8:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن شهنشاهہ پنهنجي مُهر واري منڊي، جيڪا هامان کان واپس ورتي هئائين سا لاهي مردڪئيءَ کي ڏني. هوڏانهن آستر مردڪئيءَ کي هامان واري ملڪيت جو سنڀاليندڙ مقرر ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ بادشاهہ پنهنجي مُنڊي، جيڪا هامان کان ورتي هئائين، سا لاهي مردڪئي کي ڏني. ۽ آستر مردڪئي کي هامان جي گهر تي رکيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 8:2
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ان بعد فرعون مُهر واري منڊي پنهنجيءَ آڱر مان لاهي يوسف کي آڱر ۾ پارائي. کيس عمدي ڪپڙي جو جبو ڍڪايائين ۽ هڪڙي سوني زنجيري سندس ڳچيءَ ۾ پارايائينس.


شهنشاهہ جي طاقت ۽ زور جا سمورا ڪم، مردڪئيءَ جي عظمت جو احوال، جنهن تان شهنشاهہ سندس درجو وڌايو، تن جو بيان مادئي ۽ فارس جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي.


تڏهن شهنشاهہ پنهنجي آڱر مان مُهر واري منڊي لاهي يهودين جي دشمن هامان ولد همداتا اجاجيءَ کي ڏني.


پوءِ آستر وري بہ شهنشاهہ جي پيرن تي ڪري کيس منٿ ميڙ ڪرڻ لڳي. هن کيس روئيندي ليلائيندي چيو تہ ”هامان اجاجيءَ يهودين خلاف جيڪا بڇڙائي ۽ سازش تيار ڪئي هئي تنهن جو خاتمو آندو وڃي.“


سو اوهين خداوند تي توڪل رکو، ۽ سندس واٽن تي هلندا رهو. هو اوهان کي سرفراز ڪندو ۽ ملڪ جو وارث بڻائيندو، پوءِ اوهين ويٺا ڏسندا تہ ڪيئن نہ بڇڙن کي برباد ڪيو ٿو وڃي.


پوءِ بادشاهہ دانيال کي وڏي عزت ڏني ۽ کيس گھڻا ئي وڏا وڏا تحفا ڏنائين. کيس بابل جي سڄي صوبي تي حڪمران مقرر ڪيائين ۽ بابل جي سڀني عالمن جو اڳواڻ بڻايائينس.


پر پڻس نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’جلدي ڪريو، سٺي ۾ سٺو وڳو کڻي آڻي پهرايوس، سندس هٿ ۾ منڊي ۽ پيرن ۾ جتي پارايوس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ