Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 8:11 - Muslim Sindhi Bible

11 انهن خطن ۾ لکيل شاهي فرمان مطابق هر شهر جي يهودين کي اها اجازت مليل هئي تہ اهي پاڻ ۾ گڏ ٿي پنهنجو بچاءُ ڪن. جيڪڏهن ڪنهن بہ قوم جو ڪوبہ لشڪر مٿن حملو ڪري تہ هو انهيءَ لشڪر، سندن عورتن ۽ سندن ٻارن تي حملو ڪري کين ماري ڇڏين ۽ ناس ڪن ۽ انهن جو مال ملڪيت لٽي پنهنجي قبضي هيٺ ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 انهن خطن ۾ بيان هو تہ بادشاهہ سڀ ڪنهن شهر جي يهودين کي اجازت ڏني آهي تہ اچي گڏ ٿين، ۽ پنهنجي حياتيءَ لاءِ کڙا ٿين، ۽ پرڳڻي مان، ۽ ماڻهن مان جيڪي طاقت وارا شخص مٿن، ۽ سندن ننڍن ٻارن، ۽ زالن تي ڪاهہ ڪن، تن کي ناس ڪن، ۽ ڪُهن، ۽ چٽ ڪرائين، ۽ اُنهن جو مال متاع لٽي ڦري وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 8:11
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

قاصدن ذريعي اهي خط شهنشاهت جي سڀني صوبن ڏانهن اُماڻيا ويا، جن ۾ لکيل هو تہ ”ٻارهين يعني ادار مهيني جي تيرهين تاريخ هڪ ئي ڏينهن تي سڀني يهودين، ننڍن توڙي وڏن، عورتن توڙي معصوم ٻارڙن کي ڪهي نيست وَ نابود ڪيو وڃي ۽ انهن جو مال ملڪيت لُٽيو ڦريو وڃي.“


اهو ئي سبب هو جو جيڪي ٻهراڙيءَ وارا يهودي هئا سي اڄ ڏينهن تائين ادار مهيني جي چوڏهين تاريخ عيد جو ڏينهن ڪري ملهائيندا آهن ۽ هڪٻئي کي عيدون ڏيئي خوشيون ڪندا آهن. جيڪي يهودي سوسن شهر ۾ هئا سي تيرهين تاريخ کان علاوہ چوڏهين تاريخ تي بہ پنهنجي دشمنن تي حملو ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا. سو هنن پندرهين تاريخ تي اهو ڪم نہ ڪيو بلڪ دعوتون ڪندي خوشيون ملهايائون.


ٻڌو، اي بابل وارؤ! اوهين جيڪي برباد ٿيڻ تي آهيو. اهي ماڻهو سڀاڳا هوندا، جيڪي توهان سان اهڙي ئي هلت ڪندا، جهڙي توهان اسان سان ڪئي هئي.


پر سچار ڀلي خوشيون ڪن ۽ خدا جي حضور ۾ سرها ٿين. هائو، هو ڀلي خوشين وچان گدگد پيا ٿين.


جيڪا قوم مون کي رد ٿي ڪري، تنهن تي حملي ڪرڻ لاءِ آءٌ اشور وارن کي موڪليان ٿو. هائو، پنهنجي غضب نازل ڪرڻ لاءِ آءٌ اشور وارن کي اهو حڪم ٿو ڏيان، تہ اهي انهيءَ قوم جو مال ملڪيت لٽين ڦرين، بلڪ کين گھٽين جي گپ وانگر لتاڙي ڇڏين.“


ايتري قدر جو هنن کي جھنگ مان ڪابہ ڪاٺي آڻڻي نہ پوندي، نڪي ٻيلن مان ڪو وڻ وڍڻو پوندو، ڇاڪاڻ تہ هو انهن هٿيارن کي ئي باهہ ۾ ٻارڻ جي ڪم آڻيندا رهندا. هو انهن کي ئي لٽيندا ۽ ڦريندا جن کين لٽيو ۽ ڦريو هو. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ