Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 8:10 - Muslim Sindhi Bible

10 مردڪئيءَ اهو فرمان شهنشاهہ اخسويرس جي نالي سان لکيو، جنهن تي شهنشاهہ جي منڊيءَ سان مهر هنيائين. پوءِ اهي خط شاهي گھوڙي سوار ٽپالين جي هٿان ڏياري موڪليائين، جيڪي تيز رفتار گھوڙن تي چڙهي روانا ٿي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ هن بادشاهہ اخسويرس جي نالي سان لکيو، ۽ انهيءَ تي بادشاهہ جي مُنڊيءَ سان مهر ڪيائين، ۽ پوءِ گهوڙي سوار ٽپالين جي هٿان خط موڪليائين، جي اُنهن تکن گهوڙن تي چڙهي ويا جي بادشاهہ جي خدمت ۾ ڪم ايندا هئا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 8:10
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ سندس زال ايزبل اخي‌اب جي نالي سان خط لکيا جن تي اخي‌اب جي مُهر هنيائين. هن اهي خط انهن اڳواڻن ۽ اميرن ڏانهن موڪليا جيڪي يزرعيل شهر ۾ رهندا هئا جتي نابوت پڻ رهندو هو.


انهن مان هر هڪ پنهنجي مقرر واري موجب گھوڙي گاڏيءَ وارن گھوڙن ۽ گھوڙي سواريءَ وارن گھوڙن لاءِ جَوَ ۽ گاهہ بہ، انهيءَ هنڌ پهچائيندو هو جتي اهي جانور ٻڌل هوندا هئا.


بادشاهہ ۽ سندس عملدارن جا جيڪي خط بادشاهہ جي حڪم تي قاصد سڄي اسرائيل ۽ يهوداہ وارن ڏانهن کڻي ويا، تن ۾ لکيل هو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! جيئن تہ اوهين اشور جي شهنشاهن جي هٿن کان بچي ويا آهيو، سو خداوند، اسان جي وڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿيو، تہ من هو اوهان تي وري مهربان ٿئي.


تنهنڪري هاڻ، اوهان کي جيئن وڻي تيئن اوهين بہ يهودين ڏانهن مون شهنشاهہ جي نالي لکو ۽ انهيءَ تي منهنجي مهر هڻو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو بہ خط شهنشاهہ جي نالي سان لکيو ويندو آهي ۽ انهيءَ تي شهنشاهہ جي منڊيءَ جي مهر هنئي ويندي آهي، تہ انهيءَ کي ڪوبہ ماڻهو رد نہ ٿو ڪري سگھي.“


منهنجي زندگيءَ جا ڏينهن بنا ڪنهن خوشي ڏسڻ جي نهايت تيزيءَ سان گذرندا ٿا وڃن. هائو، اهي بلڪل اڏامندا ٿا وڃن.


بادشاهہ جو حڪم قانون جي حيثيت رکي ٿو. ڪير آهي جيڪو کيس چئي سگھي تہ ”تون هي ڇا ٿو ڪرين؟“


اٺن جي قافلن سان تنهنجي ڌرتي ڀرجي ويندي. هائو، عيفاہ قبيلي وارن، بلڪ سڀني مديانين وٽان گھڻا ئي ڪنواٽ تو وٽ ايندا. شبا ملڪ مان بہ قافلا ايندا، جيڪي پاڻ سان سون ۽ لوبان کڻي ايندا. جڏهن اهي سڀ ايندا تہ خداوند جي ڪمن جي واکاڻ بيان ڪندا.


اهي بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي سڀني قومن منجھان موٽائي مون خداوند لاءِ هڪ سوکڙيءَ طور آڻيندا. اهي کين منهنجي پاڪ جبل تي يروشلم ۾ گھوڙن تي، گاڏين ۾، ڏولين ۾، خچرن تي ۽ تکن وهٽن تي چاڙهي اهڙيءَ طرح آڻيندا، جهڙيءَ طرح بني اسرائيل پاڪ ٿانون ۾ پنهنجيون اناج جون قربانيون کڻي منهنجي هيڪل ۾ آڻيندا آهن.


تون ڪيئن ٿي چوين تہ ’مون پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪيو آهي، نڪي بعل ديوتائن جي پوڄا ڪئي اٿم‘؟ ياد ڪر، تو ماٿريءَ ۾ ڇا ڇا ڪيو. تون هڪڙي وهريل ڏاچيءَ وانگر آهين، جيڪا يَل پئي ڊوڙي.


تنهنجي ذريعي مون گھوڙن ۽ سوارن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو، تنهنجي ذريعي مون جنگي گھوڙي گاڏين، ۽ گاڏيون هلائيندڙن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.


بادشاهہ نبوڪدنضر سڄيءَ دنيا جي قومن ۽ قبيلن توڙي مختلف ٻوليون ڳالهائڻ وارن سڀني ڏانهن هي پيغام موڪليو تہ ”اي روءِزمين جا رهاڪؤ! شل اوهان تي گھڻي کان گھڻي سلامتي هجي.


هاڻي اي بادشاهہ! اهڙو حڪم لکت ۾ جاري ڪريو ۽ انهيءَ لکيل حڪم تي صحيح ڪريو، تہ جيئن انهيءَ کي تبديل ڪري نہ سگھجي ۽ اهو اسان مادئين ۽ فارسين جي تبديل نہ ٿيندڙ قاعدي مطابق بلڪل قائم وَ دائم ٿي وڃي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ