Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 7:8 - Muslim Sindhi Bible

8 پوءِ شهنشاهہ باغ مان واپس دعوت واري ڪمري ۾ موٽي آيو، جتي ڏٺائين تہ هامان راڻي آستر جي پلنگ تي ڪريو پيو هو. تڏهن شهنشاهہ غصي وچان رڙ ڪري چيو تہ ”هو منهنجي روبرو منهنجي راڻيءَ ۾ هٿ وجھڻ کان بہ نہ ٿو مڙي!“ شهنشاهہ اهي لفظ چيا ئي مس تہ سندس خواجہ‌سرا خدمتگارن هامان جو منهن کڻي ڍڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 پوءِ بادشاهہ محلات واري باغ مان موٽي شراب جي مجلس واري هنڌ آيو: ۽ جنهن پلنگ تي آستر هئي، انهيءَ تي هامان ڪِريو پيو هو. تڏهن بادشاهہ چيو تہ هو گهر ۾، منهنجي روبرو راڻيءَ سان زور زبردستي ڪرڻ ٿو گهُري ڇا؟ بادشاهہ جي واتان انهن لفظن نڪرڻ تي هنن هامان جو منهن کڻي ڍڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 7:8
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن اهي ڏينهن پورا ٿيا تڏهن جيڪي بہ مرد، عام توڙي خاص، سوسن شهر جي شاهي قلعي ۾ موجود هئا، تن جي هن پنهنجي شاهي محل واري باغ جي ايوان ۾ ستن ڏينهن تائين دعوت ڪئي.


اتي اڇي ۽ نيري رنگ جا سوٽي پردا، واڱڻائيءَ رنگ جي سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڏورين سان چانديءَ جي انهن ڇلن ۾ ٻڌل هئا جيڪي سنگ مرمر جي ٿنڀن سان لٽڪيل هئا. ڳاڙهي، اڇي، پيلي ۽ ڪاري رنگ جي پٿرن جي فرش تي سون ۽ چانديءَ جا پلنگ رکيل هئا.


بعد ۾ مردڪئي موٽي اچي شاهي قلعي جي دروازي وٽ ويٺو. پر هامان ڏک وچان پنهنجو منهن ڍڪي گھر هليو ويو.


سو هامان کي ان ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويو جيڪا هن مردڪئيءَ لاءِ ٺهرائي هئي. تڏهن وڃي شهنشاهہ جي ڪاوڙ جھڪي ٿي.


خدا دنيا کي بدڪارن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي، ۽ انهيءَ جي ججن جون اکيون ٻڌي ڇڏيون اٿائين. ڀلا جي خدا ائين نہ ڪيو آهي تہ ٻيو ڪير آهي؟


ياد رک، ڀلي تون ڪيترو بہ طاقتور هجين، مگر آءٌ خداوند تو کي پڪڙي تمام زور سان پري اڇلائي ڇڏيندس.


انهن جا بادشاهہ تنهنجي پٽن جا سنڀاليندڙ ابا ٿيندا، ۽ راڻيون تنهنجي ڌيئرن جون پاليندڙ مائرون ٿينديون. اهي گوڏن ڀر جھڪي تنهنجي تعظيم ڪندا. هائو، اهي تنهنجي پيرن جي مٽي چٽيندا. تڏهن تون ڄاڻيندينءَ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، ۽ جيڪي مون تي ڀروسو ٿا ڪن، سي ڪڏهن بہ شرمندا نہ ٿيندا.“


خداوند وڌيڪ ٿو فرمائي تہ ”جيئن ڪو ڌنار شينهن جي وات مان کاڌل رڍ جا رڳو ٻہ پاوا يا هڪ ڪن جو ٽڪرو ٿو ڇڏائي وٺي، تيئن سامريہ ۾ رهندڙ بني اسرائيل مان ايترا تہ وڃي بچندا، جيئن پلنگ جي رڳو ٻانهين يا کٽ جو ڪو پائو وڃي بچي.


پوءِ انهن مان ڪي عيسيٰ کي ٿڪون هڻڻ لڳا ۽ ڪي سندس اکيون ٻڌي کيس ٺونشا هڻڻ لڳا ۽ چونس پيا تہ ”نبوت سان ٻڌاءِ تہ ڪنهن تو کي ڌڪ هنيو؟“ پهريدارن بہ کيس چماٽون هنيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ