Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 6:9 - Muslim Sindhi Bible

9 اُها پوشاڪ ۽ اُهو گھوڙو شهنشاهہ جي اعليٰ مرتبي وارن اميرن مان هڪ جي حوالي ڪيو وڃي. پوءِ هو اها پوشاڪ انهيءَ ماڻهوءَ کي پهرائي جنهن کي شهنشاهہ عزت ڏيڻ ٿو گھري ۽ انهيءَ گھوڙي تي چاڙهي کيس سڄي شهر جي رستن تان گھمائي ۽ سندس اڳيان پڙهو ڏياري تہ ’جنهن ماڻهوءَ کي شهنشاهہ عزت ڏيڻ گھرندو آهي تنهن کي هيترو مان ملندو آهي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ اُها پوشاڪ ۽ اُهو گهوڙو بادشاهہ جي ڪنهن تمام وڏي امير جي هٿن ۾ ڏجي تہ اُهو اُنهيءَ ماڻهوءَ کي پهرائي، جنهن کي بادشاهہ عزت ڏيڻ ٿو گهري، ۽ انهيءَ کي گهوڙي تي چاڙهي، شهر جي رستي تان گهمارائي، ۽ سندس اڳيان منادي ڪرائي، تہ جنهن ماڻهوءَ کي بادشاهہ عزت ڏيڻ ٿو گهري، تنهن سان هيئن ڪرڻ ۾ ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 6:9
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن کيس پاڻ کان ٻئي درجي واري گاڏيءَ ۾ ويهاريو ۽ سندس اڳيان پڙهو ڏياريائين تہ ”گوڏا کوڙيو! گوڏا کوڙيو!“ اهڙيءَ طرح هن يوسف کي مصر جي سڄي ملڪ تي وزير اعظم مقرر ڪيو.


تڏهن شهنشاهہ هامان کي حڪم ڏنو تہ ”دير نہ ڪر. جلدي وڃي اُها پوشاڪ ۽ اُهو گھوڙو ڪاهي اچ ۽ جيئن چيو اٿيئي تيئن ئي مردڪئي يهوديءَ لاءِ ڪر، جيڪو شاهي قلعي جي دروازي وٽ قائم ڪيل عدالت ۾ مقرر آهي. جيڪي تو چيو آهي تنهن مان ڪابہ ڳالهہ گھٽ نہ ڪجانءِ.“


جڏهن هامان اندر آيو تڏهن شهنشاهہ کانئس پڇيو تہ ”جنهن ماڻهوءَ کي شهنشاهہ عزت ۽ مان ڏيڻ چاهي تنهن سان ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ تنهن تي هامان پنهنجيءَ دل ۾ سوچڻ لڳو تہ ”مون کان وڌيڪ ٻيو ڪير ٿي سگھي ٿو جنهن کي شهنشاهہ عزت ڏيڻ گھرندو هجي؟“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي صيئون جا رهاڪؤ! ڏاڍا سرها ٿيو، هائو، اي يروشلم جا رهاڪؤ! خوشيءَ وچان نعرا هڻو. ڏسو، توهان جو بادشاهہ توهان وٽ اچي ٿو، جيڪو سچار ۽ فاتح آهي. انهيءَ هوندي بہ هو ايترو تہ حليم آهي، جو گڏهہ تي سوار آهي، هائو، گڏهِہ جي ٻچي تي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ