Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 6:8 - Muslim Sindhi Bible

8 تنهن جي لاءِ شاهي پوشاڪ جيڪا شهنشاهہ پاڻ پائيندو آهي ۽ اُهو گھوڙو جنهن تي شهنشاهہ پاڻ سواري ڪندو آهي، سي آندا وڃن ۽ انهيءَ گھوڙي جي مٿي تي شاهي نشان رکيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 تنهن جي لاءِ شاهي پوشاڪ، جا بادشاهہ ڍڪيندو آهي، ۽ جنهن گهوڙي تي بادشاهہ چڙهندو آهي، ۽ جنهن جي مٿي تي بادشاهي ڇٽ رکڻ ۾ ايندو آهي، سو آڻجي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 6:8
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بادشاهہ کين چيو تہ ”اوهين منهنجا عملدار پاڻ سان وٺي وڃو ۽ منهنجي پٽ سليمان کي منهنجي خچر تي چاڙهي جيحون چشمي ڏانهن روانا ٿيو.


”راڻي وشتيءَ کي شاهي تاج پارائي مون آڏو وٺي اچو تہ جيئن عام ماڻهو ۽ امير وزير سندس حسن ڏسن.“ انهيءَ جو سبب هي هو جو هوءَ ڏاڍي خوبصورت هئي.


شهنشاهہ سڀني عورتن کان وڌيڪ آستر سان پيار ڪيو ۽ آستر سڀني ڇوڪرين کان وڌيڪ شهنشاهہ جي نظر ۾ مان لڌو ۽ کيس پسند آئي. سو شهنشاهہ شاهي تاج کڻي سندس مٿي تي رکيو ۽ کيس وشتيءَ جي جاءِ تي راڻي بڻايائين.


سو هن شهنشاهہ کي ورندي ڏني تہ ”جنهن ماڻهوءَ کي شهنشاهہ عزت ڏيڻ گھري،


بلڪ مون اهو بہ ڏٺو آهي تہ غلام گھوڙن تي سوار آهن، جڏهن تہ سردار غلامن وانگر پيادل پيا هلن.


پر پڻس نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’جلدي ڪريو، سٺي ۾ سٺو وڳو کڻي آڻي پهرايوس، سندس هٿ ۾ منڊي ۽ پيرن ۾ جتي پارايوس.


يونتن پنهنجو چوغو، جيڪو بدن تي هئس، سو لاهي پنهنجي زرهہ سميت دائود کي ڏنو، ايتري قدر جو پنهنجي تلوار، تيرڪمان ۽ ڪمربند بہ کيس ڏنائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ