آستر 6:6 - Muslim Sindhi Bible6 جڏهن هامان اندر آيو تڏهن شهنشاهہ کانئس پڇيو تہ ”جنهن ماڻهوءَ کي شهنشاهہ عزت ۽ مان ڏيڻ چاهي تنهن سان ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ تنهن تي هامان پنهنجيءَ دل ۾ سوچڻ لڳو تہ ”مون کان وڌيڪ ٻيو ڪير ٿي سگھي ٿو جنهن کي شهنشاهہ عزت ڏيڻ گھرندو هجي؟“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible6 تڏهن هامان اندر آيو. ۽ بادشاهہ چوڻ لڳس تہ جنهن ماڻهوءَ کي بادشاهہ عزت ڏيڻ گهري، تنهن جي لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ هاڻي هامان پنهنجي دل ۾ چيو تہ مون کان وڌيڪ ٻيو ڪير آهي جنهن کي بادشاهہ عزت ڏيڻ گهرندو هوندو؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اُها پوشاڪ ۽ اُهو گھوڙو شهنشاهہ جي اعليٰ مرتبي وارن اميرن مان هڪ جي حوالي ڪيو وڃي. پوءِ هو اها پوشاڪ انهيءَ ماڻهوءَ کي پهرائي جنهن کي شهنشاهہ عزت ڏيڻ ٿو گھري ۽ انهيءَ گھوڙي تي چاڙهي کيس سڄي شهر جي رستن تان گھمائي ۽ سندس اڳيان پڙهو ڏياري تہ ’جنهن ماڻهوءَ کي شهنشاهہ عزت ڏيڻ گھرندو آهي تنهن کي هيترو مان ملندو آهي.‘“