Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 6:4 - Muslim Sindhi Bible

4 شهنشاهہ وري پڇيو تہ ”محل ۾ ڪو عملدار حاضر آهي؟“ انهيءَ ئي مهل هامان شهنشاهہ جي محل ۾ داخل ٿيو، تان‌تہ جيڪا ڦاهي مردڪئيءَ لاءِ ٺهرائي هئائين تنهن تي انهيءَ کي چاڙهڻ لاءِ شهنشاهہ سان ڳالهائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ بادشاهہ چيو تہ ايوان ۾ ڪير آهي؟ هاڻي بادشاهہ جي گهر جي ٻاهرين پاسي ايوان ۾ هامان آيو هو، انهيءَ لاءِ تہ بادشاهہ کي چوي تہ جيڪا سوري مردڪئي جي لاءِ ٺهرائي هئائين، تنهن تي انهيءَ کي چاڙهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 6:4
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”شهنشاهہ جا سڀيئي عملدار ۽ شاهي صوبن جا سڀيئي ماڻهو چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا تہ ڪوبہ مرد يا ڪابہ عورت، جيڪڏهن بنا گھرائڻ جي شهنشاهہ جي درٻارِخاص ۾ لنگھي ايندو تہ انهيءَ جي لاءِ رڳو هڪڙو ئي قانون آهي تہ کيس قتل ڪيو وڃي. سواءِ ان جي جنهن ڏانهن پاڻ شهنشاهہ پنهنجي سوني شاهي لٺ ڊگھيري تہ انهيءَ کي جيئدان ملي. پر مهينو ٿيندو جو شهنشاهہ مون کي پاڻ وٽ ڪين گھرايو آهي سو آءٌ وٽس ڪيئن وڃان؟“


روزن رکڻ جي ٽئين ڏينهن تي راڻي آستر پنهنجي شاهي پوشاڪ پهري، شاهي محل جي اندرئين حصي ۾ تخت واري ايوان جي سامهون اچي بيٺي. شهنشاهہ پنهنجي محل جي ايوان واري دروازي ڏانهن منهن ڪيو پنهنجي شاهي تخت تي ويٺو هو.


تنهن تي سندس زال زرش ۽ ٻين سڀني دوستن کيس صلاح ڏني تہ ”ٻاويهہ ميٽر ڊگھي ڦاهي ٺهراءِ ۽ سڀاڻي صبح جو شهنشاهہ کي چئُہ تہ مردڪئيءَ کي ان تي چاڙهي ڦاهي ڏياري ڇڏي. پوءِ تون شهنشاهہ سان گڏجي دعوت ۾ وڃي خوشيون ملهاءِ.“ هامان کي اها صلاح ڏاڍي وڻي، سو هن ڦاهي ٺهرائي.


تڏهن شهنشاهہ خدمتگارن کان پڇيو تہ ”اهڙي ڪم جي عيوض مردڪئيءَ کي ڪيتري عزت ۽ ڪهڙو درجو ڏنو ويو آهي؟“ تنهن تي سندس خدمتگارن وراڻيو تہ ”کيس ڪجھہ بہ نہ ڏنو ويو آهي.“


تڏهن شهنشاهہ کي سندس خدمتگارن وراڻيو تہ ”هامان محل ۾ حاضر آهي.“ تنهن تي شهنشاهہ حڪم ڏنو تہ ”هن کي مون وٽ وٺي اچو.“


تڏهن شهنشاهہ جي حضور ۾ بيٺل خدمتگارن مان خربوناہ نالي هڪڙي چيو تہ ”هامان جي گھر جي ڀرسان ٻاويهہ ميٽر ڊگھي ڦاهي ٺهيل هئي، جيڪا هامان مردڪئيءَ لاءِ ٺهرائي هئي جنهن اوهان شهنشاهہ سلامت جي زندگي بچائي هئي.“ تنهن تي شهنشاهہ حڪم ڏنو تہ ”انهيءَ ڦاهي تي هن کي لٽڪايو وڃي.“


هو ڏاهن کي سندن ئي چالاڪيءَ ۾ ٿو ڦاسائي، هائو، هو اهڙن ماڻهن جي ٺڳين کي ابتو ڪري ڇڏي ٿو.


اهو جيڪو عرش عظيم تي ويٺو آهي سو مٿن کلي ٿو. سندن انهن هيڻن منصوبن تي خداوند مٿن ٺٺوليون ٿو ڪري.


هائو، اهو خداوند ئي آهي، جيڪو موت کان بہ کين بچايو وٺي، ۽ ڏڪار جي ڏينهن ۾ بہ کين جيئرو ٿو رکي.


اوهين جيڪو بہ ڪم ڪريو، سو دل وَ جان سان ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهين جلد ئي مئلن جي دنيا ڏانهن هليا ويندا، جتي نہ ڪو ڪم ڪار آهي، نڪو ڪو سوچ ويچار، نڪو علم آهي ۽ نہ ئي وري ڪا ڏاهپ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ