Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 6:12 - Muslim Sindhi Bible

12 بعد ۾ مردڪئي موٽي اچي شاهي قلعي جي دروازي وٽ ويٺو. پر هامان ڏک وچان پنهنجو منهن ڍڪي گھر هليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ مردڪئي وري بہ بادشاهہ جي در تي آيو. پر هامان تڪڙو ٿي ڏک ۾ مٿو ڍڪي گهر هليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 6:12
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر دائود زيتون جي ٽڪر واري چاڙهيءَ تي چڙهي ويو. هو مٿي چڙهندي روئندو ٿي ويو. ڏک وچان سندس مٿو ڍڪيل ۽ پير اگھاڙا هئا. جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا، تن جا بہ مٿا ڍڪيل هئا ۽ اهي بہ مٿي چڙهندي روئندا ٿي ويا.


اخيتفل جڏهن ڏٺو تہ سندس صلاح تي عمل نہ ڪيو ويو آهي، تڏهن هن پنهنجي گڏهہ تي آٿر رکيو ۽ اُٿي پنهنجي شهر ڏانهن روانو ٿيو. گھر پهچي پنهنجي گھر جي انتظام بابت وصيت ڪيائين. پوءِ پاڻ کي ڦاهي ڏيئي ماري ڇڏيائين ۽ کيس پنهنجي خانداني قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


تڏهن اسرائيل جو بادشاهہ تپي باهہ ٿي ويو ۽ ڪاوڙ ۾ سامريہ شهر ڏانهن پنهنجي محل ۾ موٽي آيو.


سو اخي‌اب تپي باهہ ٿي ويو ۽ ڪاوڙ ۾ پنهنجي گھر ڏانهن هليو ويو، ڇو تہ نابوت کيس چيو هو تہ ”آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جو ورثو تو کي نہ ڏيندس.“ سو هو پنهنجي بستري تي منهن ورائي سمهي پيو ۽ ماني بہ نہ کاڌائين.


هن کيس ورندي ڏني تہ ”هن ڪري جو مون نابوت کي چيو تہ ’پنهنجو انگورن جو باغ پئسن سان مون کي ڏي، يا جيڪڏهن چاهين تہ آءٌ تو کي انهيءَ جي عيوض ٻيو انگورن جو باغ ڏيان.‘ مگر هن جواب ڏنو تہ ’آءٌ پنهنجو انگورن جو باغ تو کي نہ ڏيندس.‘“


جڏهن سردار ڪاهن عزرياہ ۽ ٻين ڪاهنن هن ڏانهن نهاريو تہ ڇا ڏسن تہ هن جي پيشانيءَ تي ڪوڙهہ جهڙي چمڙيءَ جي بيماري ظاهر ٿي چڪي هئي! تنهن تي بادشاهہ کي اتان هڪدم ڌڪي ٻاهر ڪڍي ڇڏيائون. حقيقت ۾ هو پاڻ ئي خوف وچان اتان تڪڙو تڪڙو نڪرڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ خداوند کيس هڻي سٽي وڌو هو.


جڏهن ٻيون ڪنواريون ڇوڪريون آنديون ويون، تڏهن مردڪئي شاهي قلعي جي دروازي وٽ قائم ڪيل عدالت ۾ مقرر هو.


سو هامان اُها پوشاڪ کڻي آيو ۽ اُهو گھوڙو ڪاهي آيو. هن مردڪئيءَ کي اُها پوشاڪ پهرائي ۽ کيس گھوڙي تي ويهاري ان جي اڳيان هلندي کيس شهر جي رستن تان گھمايائين. هن سندس اڳيان هلندي هلندي پڙهو بہ پئي ڏياريو تہ ”جنهن ماڻهوءَ کي شهنشاهہ عزت ڏيڻ گھرندو آهي تنهن کي هيترو مان ملندو آهي.“


پوءِ شهنشاهہ باغ مان واپس دعوت واري ڪمري ۾ موٽي آيو، جتي ڏٺائين تہ هامان راڻي آستر جي پلنگ تي ڪريو پيو هو. تڏهن شهنشاهہ غصي وچان رڙ ڪري چيو تہ ”هو منهنجي روبرو منهنجي راڻيءَ ۾ هٿ وجھڻ کان بہ نہ ٿو مڙي!“ شهنشاهہ اهي لفظ چيا ئي مس تہ سندس خواجہ‌سرا خدمتگارن هامان جو منهن کڻي ڍڪيو.


’شريرن جي سوڀ عارضي هوندي آهي؟‘ هائو، جيڪي ماڻهو خدا تي ڀروسو نہ رکندا آهن، تن جي خوشي ٿوري دير لاءِ هوندي آهي.


خدا دنيا کي بدڪارن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي، ۽ انهيءَ جي ججن جون اکيون ٻڌي ڇڏيون اٿائين. ڀلا جي خدا ائين نہ ڪيو آهي تہ ٻيو ڪير آهي؟


سموئيل صبح تائين سمهيو پيو هو ۽ پوءِ هن اُٿي خداوند جي گھر جا دروازا کوليا. هو عيليءَ کي انهيءَ رويا جي باري ۾ ٻڌائڻ کان ڊنو ٿي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ