Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 6:11 - Muslim Sindhi Bible

11 سو هامان اُها پوشاڪ کڻي آيو ۽ اُهو گھوڙو ڪاهي آيو. هن مردڪئيءَ کي اُها پوشاڪ پهرائي ۽ کيس گھوڙي تي ويهاري ان جي اڳيان هلندي کيس شهر جي رستن تان گھمايائين. هن سندس اڳيان هلندي هلندي پڙهو بہ پئي ڏياريو تہ ”جنهن ماڻهوءَ کي شهنشاهہ عزت ڏيڻ گھرندو آهي تنهن کي هيترو مان ملندو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 تڏهن هامان پوشاڪ ۽ گهوڙو وٺي وڃي مردڪئي کي پهرايو، ۽ سوار ڪري شهر جي رستي تان گهمارايائينس، ۽ سندس اڳيان منادي ڪرايائين، تہ جنهن ماڻهوءَ کي بادشاهہ عزت ڏيڻ ٿو گهُري، تنهن سان هيئن ڪرڻ ۾ ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 6:11
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي واري گورنر تتنيءَ ۽ شتر بوزني ۽ انهن جي ساٿين مڪمل طرح شهنشاهہ جي ان حڪم جي تعميل ڪئي.


تڏهن شهنشاهہ هامان کي حڪم ڏنو تہ ”دير نہ ڪر. جلدي وڃي اُها پوشاڪ ۽ اُهو گھوڙو ڪاهي اچ ۽ جيئن چيو اٿيئي تيئن ئي مردڪئي يهوديءَ لاءِ ڪر، جيڪو شاهي قلعي جي دروازي وٽ قائم ڪيل عدالت ۾ مقرر آهي. جيڪي تو چيو آهي تنهن مان ڪابہ ڳالهہ گھٽ نہ ڪجانءِ.“


بعد ۾ مردڪئي موٽي اچي شاهي قلعي جي دروازي وٽ ويٺو. پر هامان ڏک وچان پنهنجو منهن ڍڪي گھر هليو ويو.


تڏهن مردڪئي نيري ۽ اڇي رنگ جي شاهي پوشاڪ ۾، هڪڙو سونو عمدو تاج پهري سنهي وٽيل سڻي جي واڱڻائيءَ رنگ واري هڪڙي جبي سان شهنشاهہ جي حضور مان اُٿي ٻاهر نڪري آيو. سوسن جي شهر ۾ خوشي ۽ جشن ملهايو ويو.


صوبن جي سڀني مختيارن يعني نوابن، گورنرن ۽ شاهي منتظمين يهودين جي مدد ڪئي، ڇاڪاڻ تہ مردڪئيءَ جو رعب تاب مٿن سوار هو.


جيڪو ڪنهن ڦلدار وڻ جي سنڀال ٿو ڪري، سو انهيءَ جو ميوو ضرور کائيندو. ساڳي نموني جيڪو نوڪر پنهنجي مالڪ جي حفاظت ٿو ڪري، سو ضرور عزت حاصل ڪندو.


اي يروشلم جي وسندي! جن تو کي ستايو آهي، تن جو اولاد عاجزيءَ وچان سر جھڪائي تو وٽ ايندو. جن تنهنجي تحقير ڪئي آهي، سي سڀ تنهنجي پيرن ۾ جھڪي تنهنجي تعظيم ڪندا. اهي تو کي ’بني اسرائيل جي پاڪ معبود جو شهر صيئون،‘ ۽ ’خداوند جو شهر‘ ڪري سڏيندا.


هن زورآورن کي تخت تان ڪيرايو آهي، ۽ نيچن کي اوچو ڪيو اٿس.


ڏسو، ڪي ڪوڙا پاڻ کي يهودي ٿا سڏائين، پر حقيقت ۾ آهن ڪونہ، بلڪ اهي شيطان جو ٽولو آهن. انهن کي آءٌ اوهان جي حوالي ڪري ڇڏيندس. هو اچي اوهان جي پيرن تي ڪرندا ۽ اهو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ