Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 5:14 - Muslim Sindhi Bible

14 تنهن تي سندس زال زرش ۽ ٻين سڀني دوستن کيس صلاح ڏني تہ ”ٻاويهہ ميٽر ڊگھي ڦاهي ٺهراءِ ۽ سڀاڻي صبح جو شهنشاهہ کي چئُہ تہ مردڪئيءَ کي ان تي چاڙهي ڦاهي ڏياري ڇڏي. پوءِ تون شهنشاهہ سان گڏجي دعوت ۾ وڃي خوشيون ملهاءِ.“ هامان کي اها صلاح ڏاڍي وڻي، سو هن ڦاهي ٺهرائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 تڏهن سندس زال زرش ۽ ٻين سڀني دوستن چيس تہ پنجاهہ هٿن جي هڪڙي وڏي سوري جوڙاءِ، ۽ سڀاڻي صبح جو بادشاهہ کي چئُہ تہ مردڪئي کي اُنهيءَ تي لٽڪائي ڇڏي: پوءِ خوشيءَ سان بادشاهہ سان گڏجي مهماني تي وڃج. اها ڳالهہ هامان کي وڻي؛ ۽ هن سوري ٺهرائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 5:14
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اخيتفل ابي‌سلوم کي چيو تہ ”اوهين پنهنجي پيءُ جي سريتن سان وڃي هم‌بستر ٿيو، جن کي هو محلات جي سنڀال لاءِ ڇڏي ويو آهي. اهڙيءَ طرح اوهان جي پيءُ کي اوهان کان نفرت ٿيندي ۽ پوءِ جڏهن بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو اها ڳالهہ ٻڌندا تڏهن جيڪي ماڻهو اوهان سان آهن تن جي همت وڌي ويندي.“


اهو ائين ڇو نہ ٿئي، ڇوجو اخي‌اب جهڙو ٻيو ڪوبہ اهڙو ماڻهو اڳ ڪونہ ٿيو هو جنهن پاڻ مڪمل طرح اهڙو ڪم ڪيو هجي جيڪو خدا جي نظر ۾ برو هجي، سو بہ پنهنجي زال جي چوڻ تي!


تڏهن سندس زال ايزبل کيس چيو تہ ”تون اسرائيل ملڪ جو بادشاهہ ناهين ڇا؟ هاڻ اُٿي ماني کاءُ ۽ دلجاءِ ڪر. نابوت کان انگورن جو باغ تو کي آءٌ وٺي ڏينديس.“


شهنشاهہ وري پڇيو تہ ”محل ۾ ڪو عملدار حاضر آهي؟“ انهيءَ ئي مهل هامان شهنشاهہ جي محل ۾ داخل ٿيو، تان‌تہ جيڪا ڦاهي مردڪئيءَ لاءِ ٺهرائي هئائين تنهن تي انهيءَ کي چاڙهڻ لاءِ شهنشاهہ سان ڳالهائي.


بدڪارن تلوارون ڪڍيون آهن، ۽ تيرڪمان پڻ ڇڪيا اٿائون، تان‌تہ غريب ۽ محتاج ماڻهن کي ڪيرائي وجھن، ۽ سڌي رستي تي هلڻ وارن کي قتل ڪري ڇڏين.


بڇڙا ماڻهو سچارن جي تاڙ ۾ رهن ٿا. هو کين قتل ڪرڻ لاءِ وجھہ ڳوليندا وتن ٿا.


اي خداوند! بيشڪ تو سچو انصاف ڪري پاڻ کي ظاهر ڪيو آهي، جيڪا کڏ غير قوم وارن ٻين لاءِ کوٽي هئي، تنهن ۾ اهي پاڻ ئي ڪري پيا آهن. هنن جيڪا ڪوڙڪي ٻين لاءِ اڏي هئي، تنهن ۾ سندن ئي پير ڦاٿا آهن. هائو، جيڪي بہ بڇڙا ماڻهو آهن، سي پنهنجي ئي ڪمن ۾ ڦاٿل آهن.


پر اهڙي قسم جا ماڻهو جيڪي ٻين جي خون ڪرڻ لاءِ لڪي ٿا ويهن، سي پاڻ ڪن ٻين جو شڪار ٿيو ٿا وڃن.


اهي ماڻهو جيستائين بدڪاري نہ ڪن، تيستائين کين آرام ڪونہ ٿو اچي. هائو، جيستائين اهي ماڻهو ڪنهن بي‌گناهہ کي نقصان نہ پهچائين تيستائين کين ننڊ ئي ڪين ٿي اچي.


جيتوڻيڪ اهي خدا جي هن حڪم کي ڄاڻين ٿا تہ جيڪي ماڻهو هي ڪم ڪن ٿا سي موت جي لائق آهن، تنهن هوندي بہ اهي نہ رڳو پاڻ هي ڪم ڪن ٿا، بلڪ جيڪي ٻيا اهڙا ڪم ڪن ٿا تن کان بہ راضي ٿين ٿا.


انهن جا قدم خونريزي ڪرڻ لاءِ تڪڙا ٿا هلن.


ڌرتيءَ تي رهڻ وارا انهن جي موت تي خوشيون ۽ جشن ڪندا رهيا ۽ هڪٻئي ڏانهن سوکڙيون موڪليندا رهيا، ڇاڪاڻ تہ خدا جو پيغام ڏيندڙ انهن ٻنهي شاهدن ڌرتيءَ وارن کي ڏاڍي تڪليف ڏني هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ