Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 5:11 - Muslim Sindhi Bible

11 هو انهن جي اڳيان پنهنجي گھڻيءَ دولت، گھڻي اولاد جو ذڪر ڪندي ۽ اهي سڀ ڳالهيون ڪندي ڊاڙون هڻڻ لڳو، جن جي ڪري شهنشاهہ سندس عزت وڌائي هئي ۽ کيس ٻين اميرن ۽ عملدارن کان مٿاهون بڻايو هئائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ هامان انهن کي پنهنجي وڏي دولت، ۽ گهڻي اولاد، ۽ جن سڀني ڳالهين ڪري بادشاهہ هن جو درجو وڌايو هو تن جو، ۽ ڪيئن هن کي چاڙهي ٻين اميرن، ۽ بادشاهہ جي ملازمن کان مٿي ڪيو هئائين، تنهن جو بيان ڪري ٻڌايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 5:11
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يعقوب لابن جي پٽن کي چوندي ٻڌو تہ ”اسان جي پيءُ وٽ جيڪي ڪجھہ هو سو سڀ يعقوب کڻي ويو آهي ۽ اسان جي پيءُ جي مال ملڪيت مان هيتري دولت ڪمائي اٿس.“


پورا ڇهہ مهينا هن پنهنجي وسيع شهنشاهت جي دولت ۽ پنهنجي شان وَ شوڪت جو ڏيکاءُ پئي ڪيو.


ڪجھہ وقت کان پوءِ شهنشاهہ اخسويرس هامان اجاجي ولد همداتا کي ترقي ڏيئي کيس سرفراز ڪيو ۽ پنهنجي سڀني اميرن کان مٿاهون درجو ڏنائينس.


تڏهن مردڪئي نيري ۽ اڇي رنگ جي شاهي پوشاڪ ۾، هڪڙو سونو عمدو تاج پهري سنهي وٽيل سڻي جي واڱڻائيءَ رنگ واري هڪڙي جبي سان شهنشاهہ جي حضور مان اُٿي ٻاهر نڪري آيو. سوسن جي شهر ۾ خوشي ۽ جشن ملهايو ويو.


جيڪي پنهنجيءَ دولت تي ڀروسو رکن ٿا، ۽ جيڪي پنهنجي جھجھي مال ملڪيت تي ڪُڏن ٿا،


تن مان ڪنهن کي بہ طاقت ناهي جو پنهنجو پاڻ کي ڇڏائي سگھي، ۽ نہ وري کيس اها طاقت آهي جو خدا کي پنهنجو عيوضو ڏيئي سگھي.


اي خدا! تو جيڪي ڪجھہ ڪيو آهي، تنهن لاءِ آءٌ تنهنجو سدائين شڪرگذار رهندس. آءٌ تنهنجي نيڪ بندن جي اڳيان تنهنجي چڱي نالي جي تعريف پيو ڪندس.


اهو ئي سبب آهي جو هو ٻٽاڪ هڻي چوي ٿو تہ ”منهنجي لشڪر جو هر هڪ سالار بادشاهہ مثل آهي.


تڏهن چوڻ لڳو تہ ”ڇا هي اهو عظيم بابل شهر ناهي، جيڪو مون ئي پنهنجي اختياريءَ جي طاقت سان جوڙايو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهو منهنجي گاديءَ جو شهر ۽ منهنجي شان وَ شوڪت جو نمونو ٿئي؟“


هنن لفظن تي شاگرد حيران ٿي ويا. سو عيسيٰ هنن کي وري چيو تہ ”اي منهنجا ٻارؤ! خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.


جيڪي هم‌ايمان هن آخري زماني ۾ دولتمند آهن، تن کي تاڪيد ڪر تہ اهي مغرور نہ ٿين. هو بي‌بقا دولت تي نہ، پر انهيءَ خدا تي آسرو رکن جيڪو اسان کي سڀ شيون جھجھي انداز ۾ ٿو ڏئي تہ جيئن اسين خوشيون ماڻيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ