Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 5:1 - Muslim Sindhi Bible

1 روزن رکڻ جي ٽئين ڏينهن تي راڻي آستر پنهنجي شاهي پوشاڪ پهري، شاهي محل جي اندرئين حصي ۾ تخت واري ايوان جي سامهون اچي بيٺي. شهنشاهہ پنهنجي محل جي ايوان واري دروازي ڏانهن منهن ڪيو پنهنجي شاهي تخت تي ويٺو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 هاڻي ٽئين ڏينهن هيئن ٿيو تہ آستر شاهاڻي پوشاڪ ڍڪي، ۽ بادشاهہ جي گهر جي سامهون، بادشاهہ جي گهر جي اندرين ايوان ۾ وڃي بيٺي: ۽ بادشاهہ پنهنجي شاهي محلات ۾، گهر جي در جي سامهون پنهنجي شاهي تخت تي ويٺو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 5:1
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”راڻي وشتيءَ کي شاهي تاج پارائي مون آڏو وٺي اچو تہ جيئن عام ماڻهو ۽ امير وزير سندس حسن ڏسن.“ انهيءَ جو سبب هي هو جو هوءَ ڏاڍي خوبصورت هئي.


سوسن جي شاهي قلعي ۾ بنيامين قبيلي جو هڪڙو يهودي هوندو هو، جنهن جو نالو مردڪئي ولد يائر هو ۽ جيڪو سمعي ۽ قيس جي اولاد مان هو.


”شهنشاهہ جا سڀيئي عملدار ۽ شاهي صوبن جا سڀيئي ماڻهو چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا تہ ڪوبہ مرد يا ڪابہ عورت، جيڪڏهن بنا گھرائڻ جي شهنشاهہ جي درٻارِخاص ۾ لنگھي ايندو تہ انهيءَ جي لاءِ رڳو هڪڙو ئي قانون آهي تہ کيس قتل ڪيو وڃي. سواءِ ان جي جنهن ڏانهن پاڻ شهنشاهہ پنهنجي سوني شاهي لٺ ڊگھيري تہ انهيءَ کي جيئدان ملي. پر مهينو ٿيندو جو شهنشاهہ مون کي پاڻ وٽ ڪين گھرايو آهي سو آءٌ وٽس ڪيئن وڃان؟“


”وڃ، سوسن شهر ۾ هن وقت جيڪي بہ يهودي آهن تن سڀني کي گڏ ڪري کين تاڪيد ڪر تہ اهي ٽن ڏينهن تائين منهنجي لاءِ روزو رکن، رات جو توڙي ڏينهن جو هو نڪي کائين نڪي پيئن. آءٌ ۽ منهنجيون ٻانهيون بہ ائين ئي روزو رکنديونسين. پوءِ آءٌ شهنشاهہ وٽ وينديس، جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ قانون جي خلاف آهي، پوءِ جي منهنجي جان وڃي تہ ڀلي وڃي.“


تڏهن مردڪئيءَ وڃي اهو سڀ ڪجھہ ڪيو جيڪو آستر کيس چوائي موڪليو هو.


شهنشاهہ وري پڇيو تہ ”محل ۾ ڪو عملدار حاضر آهي؟“ انهيءَ ئي مهل هامان شهنشاهہ جي محل ۾ داخل ٿيو، تان‌تہ جيڪا ڦاهي مردڪئيءَ لاءِ ٺهرائي هئائين تنهن تي انهيءَ کي چاڙهڻ لاءِ شهنشاهہ سان ڳالهائي.


تڏهن مردڪئي نيري ۽ اڇي رنگ جي شاهي پوشاڪ ۾، هڪڙو سونو عمدو تاج پهري سنهي وٽيل سڻي جي واڱڻائيءَ رنگ واري هڪڙي جبي سان شهنشاهہ جي حضور مان اُٿي ٻاهر نڪري آيو. سوسن جي شهر ۾ خوشي ۽ جشن ملهايو ويو.


”ڏسو، آءٌ اوهان کي ڄڻ تہ رڍن وانگر بگھڙن منجھہ موڪليان ٿو، تنهنڪري اوهين نانگن وانگر چالاڪ ۽ ڪبوترن وانگر بي‌ضرر ٿجو.


پر آخر ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا ڀلا سٺن ڪپڙن واري ڪنهن ماڻهوءَ کي؟ ڏسو، جيڪي سٺا ڪپڙا پائين ٿا سي بادشاهن جي محلن ۾ هوندا آهن.


تنهنڪري اوهين حڪم جاري ڪريو تہ ٽن ڏينهن تائين قبر تي پهرو ڏنو وڃي، متان هن جا شاگرد سندس لاش چورائي وڃن ۽ پوءِ ماڻهن کي چون تہ هو مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿيو آهي. سو متان هيءَ پوئين ٺڳي پهرينءَ کان بہ وڌيڪ خراب نہ ثابت ٿئي.“


اوهين منهنجي بادشاهيءَ ۾ مون سان گڏ کائيندا پيئندا ۽ اوهان مان هر ڪو تخت تي ويهي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جا فيصلا ڪندو.“


جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو تنهن کي آءٌ پاڻ سان گڏ پنهنجي تخت تي ويهاريندس، جهڙيءَ طرح آءٌ پاڻ غالب پيس ۽ پنهنجي پيءُ سان گڏ سندس تخت تي ويٺس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ