Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 4:6 - Muslim Sindhi Bible

6 سو هتاڪ شاهي قلعي جي دروازي جي سامهون شهر جي کُليل چونڪ ۾ مردڪئيءَ وٽ آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 اُن موجب هتاڪ شهر جي ڪشادي ميدان ۾، ۽ بادشاهہ جي دروازي جي اڳيان، مردڪئي وٽ ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 4:6
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هوڏانهن هر هڪ صوبي ۾، جتي جتي شهنشاهہ جو فرمان ۽ حڪم پهتو، اتي يهودين ۾ وڏو روڄ راڙو پئجي ويو. هنن کان کائڻ پيئڻ وسري ويو ۽ رڳو رنا ۽ رڙيا پئي. گھڻن تہ کٿا ڍڪي خاڪ کي پنهنجو بسترو بڻائي ڇڏيو.


تڏهن راڻي آستر شهنشاهہ جي هڪ خواجہ‌سرا خدمتگار هتاڪ کي پاڻ وٽ گھرايو، جنهن کي شهنشاهہ سندس خدمت ۾ حاضر رهڻ لاءِ مقرر ڪيو هو. راڻي آستر کيس حڪم ڏنو تہ مردڪئيءَ وٽ وڃي کانئس احوال وٺي تہ اهو سڀ ڪجھہ ڇا آهي ۽ انهيءَ جو ڪهڙو سبب آهي.


تڏهن جيڪي ڪجھہ مردڪئيءَ سان وهيو واپريو هو سو سڀ ڪجھہ هن کيس ٻڌايو. هن ان چانديءَ جي باري ۾ بہ کيس ٻڌايو جيڪا هامان يهودين جي تباهيءَ جي عيوض شاهي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ جو واعدو ڪيو هو.


ان ٻئي ڏينهن تي بہ مئي پيئڻ وقت شهنشاهہ راڻي آستر کان وري پڇيو تہ ”راڻي آستر! تنهنجو ڪهڙو عرض آهي؟ ٻڌاءِ تہ اهو قبول ڪيو ويندو. تنهنجي ڪهڙي خواهش آهي؟ شهنشاهت جو اڌ بہ گھرندينءَ تہ اهو بہ تو کي ڏنو ويندو.“


سو شهنشاهہ راڻي آستر کي چيو تہ ”يهودين رڳو سوسن جي شاهي قلعي اندر هامان جي ڏهن پٽن سميت پنج سؤ ماڻهن کي ماري چٽ ڪري ڇڏيو آهي، تہ پوءِ شهنشاهت جي ٻين صوبن ۾ هنن ڇا ڇا نہ ڪيو هوندو؟ هاڻ تنهنجو ٻيو عرض ڪهڙو آهي؟ اُهو بہ پورو ڪيو ويندو. تون وڌيڪ ڇا ٿي چاهين؟ تنهنجي اها ڳالهہ پڻ قبول ڪئي ويندي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ