Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 4:4 - Muslim Sindhi Bible

4 جڏهن راڻي آستر کي سندس ٻانهين ۽ خواجہ‌سرا خدمتگارن اچي مردڪئيءَ بابت ٻڌايو تڏهن هن کي ڏاڍو ڏک ٿيو. هن مردڪئيءَ ڏانهن ڪپڙا موڪليا تہ هو کٿو لاهي اهي پائي، پر هن اهي ڪپڙا نہ ورتا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ آستر جي سهيلين ۽ سندس ناظرن کيس اها ڳالهہ اچي ٻڌائي؛ ۽ راڻي کي ڏاڍو ڏک ٿيڻ لڳو: ۽ هن ڪپڙا موڪليا تہ مردڪئي تان کٿو لهرائي اُهي ڍڪائينس؛ پر هن اُهي نہ ورتا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 4:4
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سندس سمورا پٽ ۽ ڌيئر چپ ڪرائڻ لاءِ آٿت ڏيڻ لڳس پر کيس آٿت نہ ٿي آئي. هو چوڻ لڳو تہ ”آءٌ روئندو پٽيندو پنهنجي پٽ جي پٺيان قبر ۾ ويندس.“ اهڙيءَ طرح هو يوسف جي لاءِ روئندو رهيو.


ييهوءَ دريءَ ڏانهن نهاري هڪل ڪري چيو تہ ”منهنجي پاسي ڪير ڪير آهي؟“ تڏهن ٻہ يا ٽي محلاتي خواجہ‌سرا هن ڏانهن دريءَ مان نهارڻ لڳا.


جڏهن انهن خدمتگارن راڻي وشتيءَ کي شهنشاهہ جو حڪم ٻڌايو تہ هن اچڻ کان انڪار ڪيو. تنهن تي شهنشاهہ ڏاڍو مڇرجي پيو ۽ ڪاوڙ ۾ تپي باهہ ٿي ويو.


هوڏانهن هر هڪ صوبي ۾، جتي جتي شهنشاهہ جو فرمان ۽ حڪم پهتو، اتي يهودين ۾ وڏو روڄ راڙو پئجي ويو. هنن کان کائڻ پيئڻ وسري ويو ۽ رڳو رنا ۽ رڙيا پئي. گھڻن تہ کٿا ڍڪي خاڪ کي پنهنجو بسترو بڻائي ڇڏيو.


تڏهن راڻي آستر شهنشاهہ جي هڪ خواجہ‌سرا خدمتگار هتاڪ کي پاڻ وٽ گھرايو، جنهن کي شهنشاهہ سندس خدمت ۾ حاضر رهڻ لاءِ مقرر ڪيو هو. راڻي آستر کيس حڪم ڏنو تہ مردڪئيءَ وٽ وڃي کانئس احوال وٺي تہ اهو سڀ ڪجھہ ڇا آهي ۽ انهيءَ جو ڪهڙو سبب آهي.


مصيبت وارن ڏينهن ۾ آءٌ ڌڻيءَ جي طلب ۾ رهان ٿو. سڄي رات منهنجا هٿ ڊگھيريل رهن ٿا ۽ ساڻا ڪين ٿا ٿين. پر تڏهن بہ مون کي تسلي نہ ٿي ملي.


جيڪو بہ غير قوم وارو خداوند جي قوم سان اچي شامل ٿيو آهي، سو ائين نہ چوي تہ ”شايد آءٌ خداوند جي قوم کان الڳ ليکيو ويندس.“ نہ ئي وري ڪو نامرد ائين چوي تہ ”ڏسو، آءٌ تہ هڪڙي سڪل وڻ جيان برڪتن کان محروم آهيان.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”رامہ شهر مان روئڻ ۽ رڙڻ جو هڪڙو آواز ٿو ٻڌجي، هائو، راخل پنهنجي اولاد لاءِ روئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اهو وٽس موجود ناهي، سو هن کي ڪابہ تسلي نہ ٿي ملي.


سو فلپس اٿي روانو ٿيو تہ رستي ۾ کيس حبش جو هڪڙو ماڻهو مليو، جيڪو خواجہ‌سرا هو. هي ماڻهو حبش جي راڻيءَ جي سڄي خزاني جو وزير هو ۽ يروشلم ۾ خدا جي عبادت ڪرڻ لاءِ ويو هو.


هو اوهان جي اناج ۽ انگورن جي فصل جو ڏهون حصو وٺي پنهنجي عملدارن ۽ خدمتگارن کي ڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ