Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 4:14 - Muslim Sindhi Bible

14 جيڪڏهن تون هن وقت ماٺ ڪري ويهي رهندينءَ تہ يهودين جو بچاءُ ڪنهن ٻئي هنڌان بہ ٿي ويندو. پر تون ۽ تنهنجي پيءُ جو سڄو گھراڻو ناس ٿي ويندو. تو کي ڪهڙي خبر آهي تہ شايد تون هن ئي وقت لاءِ انهيءَ مقام تي پهتي هجين؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ڇالاءِ جو جيڪڏهن هن وقت تون اصل ماٺ ڪري ويهندينءَ، تہ يهودين جو ڇوٽڪارو ۽ بچاءُ ٻئي هنڌان پيدا ٿيندو، پر تون ۽ تنهنجي پيءُ جو گهراڻو چٽ ٿي ويندو: ڪنهن کي خبر تہ تون ههڙي وقت جي لاءِ بادشاهت ۾ نہ آئي آهين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 4:14
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابراهيم انهيءَ جاءِ جو نالو رکيو، ”خداوند موجود ڪري ڏئي ٿو.“ سو اڄ ڏينهن تائين اهو چوڻ ۾ اچي ٿو تہ ”خداوند پنهنجي جبل تي موجود ڪري ڏئي ٿو.“


خداوند اسرائيل وارن کي هڪڙو ڇڏائڻ وارو ڏنو، جنهن کين ارامين جي ظلم مان ڇڏايو ۽ اهڙيءَ طرح اسرائيل وارا اڳي وانگر پنهنجن گھرن ۾ امن وَ سڪون سان رهڻ لڳا.


هنن وڃي يسعياہ کي حزقياہ جو هي پيغام ڏيئي چيو تہ ”اڄوڪو ڏينهن اسان لاءِ مصيبت، ملامت ۽ خواريءَ ڀريو ڏينهن آهي. اسان ان عورت مثل آهيون جيڪا ٻار ڄڻڻ واري آهي، پر ڪمزوريءَ سبب ڄڻي نہ ٿي سگھي.


جيتوڻيڪ اسين غلام آهيون، تہ بہ تو اسان کي وساريو ناهي، بلڪ تو فارس جي بادشاهن جي دلين ۾ اسان لاءِ رحم وڌو آهي، تہ جيئن اسين وري بحال ٿي تنهنجي گھر جي تعمير ڪريون ۽ ان جي ڀڳل ٽٽل حصن جي مرمت ڪريون. اهڙيءَ طرح تو اسان کي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ ۾ پناهہ عطا ڪئي آهي.


پر مون کيس چيو تہ ”ڇا مون جهڙي ماڻهوءَ کي ڀڄڻ گھرجي يا پنهنجي جان بچائڻ لاءِ هيڪل اندر لڪڻ گھرجي؟ آءٌ نہ ڀڄندس، نڪي لڪندس.“


جڏهن مردڪئيءَ جي سئوٽ يعني سندس چاچي ابيخيل جي ڌيءَ آستر، جنهن کي هن ڌيءَ ڪري پاليو هو، تنهن جو شهنشاهہ وٽ وڃڻ جو وارو آيو، تڏهن هن ڪجھہ بہ نہ گھريو سواءِ ان جي جيڪي شهنشاهہ جي حرم خاني جي نگران هيجا هن لاءِ تجويز ڪيو. جنهن بہ آستر کي ڏٺو ٿي، تنهن کي اُها وڻي ٿي ويئي.


شهنشاهہ سڀني عورتن کان وڌيڪ آستر سان پيار ڪيو ۽ آستر سڀني ڇوڪرين کان وڌيڪ شهنشاهہ جي نظر ۾ مان لڌو ۽ کيس پسند آئي. سو شهنشاهہ شاهي تاج کڻي سندس مٿي تي رکيو ۽ کيس وشتيءَ جي جاءِ تي راڻي بڻايائين.


مردڪئيءَ کي هدساہ نالي هڪ سئوٽ هئي، جنهن کي هن ڌيءَ ڪري پاليو هو، ڇو تہ هن کي ماءُ پيءُ ڪونہ هئا. اها ڇوڪري، جنهن کي آستر پڻ سڏيو ويندو هو سا منهن مهانڊي ۾ ڏاڍي سهڻي هئي.


تڏهن هن واپس آستر ڏانهن جواب چوائي موڪليو تہ ”تون ائين نہ سمجھہ تہ شهنشاهہ جي محل ۾ هجڻ ڪري سڀني يهودين مان تون بچي ويندينء.


تڏهن آستر مردڪئيءَ ڏانهن هي جواب ڏياري موڪليو تہ


هو مون کي ساهہ پٽڻ نہ ٿو ڏئي، بلڪ مون کي سخت بي‌حاليءَ سان ڀري ٿو ڇڏي.


ڦاڙڻ جو وقت هجي توڙي سبڻ جو، ماٺ ڪرڻ جو وقت هجي توڙي ڳالهائڻ جو،


انهن جا بادشاهہ تنهنجي پٽن جا سنڀاليندڙ ابا ٿيندا، ۽ راڻيون تنهنجي ڌيئرن جون پاليندڙ مائرون ٿينديون. اهي گوڏن ڀر جھڪي تنهنجي تعظيم ڪندا. هائو، اهي تنهنجي پيرن جي مٽي چٽيندا. تڏهن تون ڄاڻيندينءَ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، ۽ جيڪي مون تي ڀروسو ٿا ڪن، سي ڪڏهن بہ شرمندا نہ ٿيندا.“


پر انهن مان ڪوبہ هٿيار تو کي نقصان پهچائي نہ سگھندو. عدالت ۾ جيڪي تنهنجي خلاف ڳالهائيندا، تن کي تون ڪوڙو ثابت ڪندينءَ. اهڙيءَ ئي طرح آءٌ پنهنجي ٻانهن جي حفاظت ٿو ڪريان، ۽ کين فتحيابي عطا ٿو ڪريان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


آءٌ اوهان سان آهيان ۽ اوهان کي بچائيندس. جن قومن ۾ مون اوهان کي ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو آهي، تن جو آءٌ پوريءَ طرح خاتمو آڻيندس. آءٌ اوهان کي ختم نہ ڪندس، پر اوهان کي صفا بي‌سزا بہ نہ ڇڏيندس. آءٌ اوهان کي سيکت ڏيندس، پر انصاف سان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


اي منهنجي قوم بني يعقوب! اوهين ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. توڙي جو آءٌ انهن سڀني قومن کي صفا ناس ڪري ڇڏيندس، جن ۾ اوهان کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو اٿم، تڏهن بہ اوهان کي ختم نہ ڪندس. ان جي باوجود آءٌ اوهان کي صفا بي‌سزا بہ نہ ڇڏيندس. هائو، آءٌ اوهان کي سيکت ڏيندس، پر انصاف سان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


تڏهن آءٌ يعقوب، اسحاق ۽ ابراهيم سان ٻڌل پنهنجو عهد ياد ڪندس ۽ پنهنجي قوم کي ملڪ ڏيڻ جو نئين سر واعدو ڪندس.


آءٌ تو کي اهو بہ چوان ٿو تہ تون ٽڪر آهين ۽ ان ٽڪر تي آءٌ پنهنجي ڪليسيا اڏيندس جيڪا موت جي طاقت تي غالب پوندي.


ايتري قدر جو جيڪڏهن انهن ڏينهن جو مدو گھٽايو نہ وڃي ها تہ جيڪر ڪوبہ بچي نہ سگھي ها. پر خدا جي چونڊيلن خاطر انهن ڏينهن جو مدو گھٽايو ويندو.


بيشڪ جڏهن خداوند ڏسندو تہ سندس قوم ۾ ڪا طاقت نہ رهي آهي، ايتري قدر جو ڄڻ تہ قيدين توڙي آزادن مان ڪوبہ جيئرو ناهي رهيو، تڏهن هو پنهنجي قوم تي قياس ڪري سندن حق ۾ فيصلو ڏيندو.


جڏهن فلستين پڇا ڪئي تہ ”هي ڪم ڪنهن ڪيو آهي؟“ تڏهن کين ٻڌايو ويو تہ ”اهو ڪم تمنيءَ جي ناٺي سمسون ڪيو آهي، ڇوجو سندس سهري انهيءَ جي زال هن کان ڇني هن جي آنر کي ڏيئي ڇڏي آهي.“ سو فلستين اچي انهيءَ عورت ۽ سندس پيءُ کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو.


خداوند پنهنجي عظيم نالي جي سببان، پنهنجيءَ قوم کي ڇڏي ڪين ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي مرضيءَ موجب اوهان کي پنهنجي قوم بڻايو آهي.


تڏهن دائود چيس تہ ”مون هاڻي ڇا ڪيو آهي؟ ڇا آءٌ ڳالهہ بہ نہ ڪريان؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ