”شهنشاهہ جا سڀيئي عملدار ۽ شاهي صوبن جا سڀيئي ماڻهو چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا تہ ڪوبہ مرد يا ڪابہ عورت، جيڪڏهن بنا گھرائڻ جي شهنشاهہ جي درٻارِخاص ۾ لنگھي ايندو تہ انهيءَ جي لاءِ رڳو هڪڙو ئي قانون آهي تہ کيس قتل ڪيو وڃي. سواءِ ان جي جنهن ڏانهن پاڻ شهنشاهہ پنهنجي سوني شاهي لٺ ڊگھيري تہ انهيءَ کي جيئدان ملي. پر مهينو ٿيندو جو شهنشاهہ مون کي پاڻ وٽ ڪين گھرايو آهي سو آءٌ وٽس ڪيئن وڃان؟“