Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 4:11 - Muslim Sindhi Bible

11 ”شهنشاهہ جا سڀيئي عملدار ۽ شاهي صوبن جا سڀيئي ماڻهو چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا تہ ڪوبہ مرد يا ڪابہ عورت، جيڪڏهن بنا گھرائڻ جي شهنشاهہ جي درٻارِخاص ۾ لنگھي ايندو تہ انهيءَ جي لاءِ رڳو هڪڙو ئي قانون آهي تہ کيس قتل ڪيو وڃي. سواءِ ان جي جنهن ڏانهن پاڻ شهنشاهہ پنهنجي سوني شاهي لٺ ڊگھيري تہ انهيءَ کي جيئدان ملي. پر مهينو ٿيندو جو شهنشاهہ مون کي پاڻ وٽ ڪين گھرايو آهي سو آءٌ وٽس ڪيئن وڃان؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 بادشاهہ جا سڀ ملازم، ۽ بادشاهہ جي پرڳڻن جا ماڻهو، چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا، تہ ڪوبہ مرد يا زال، جو بنا ڪوٺ اندرينءَ جاءِ ۾ بادشاهہ وٽ لنگهي ايندو، تنهن جي لاءِ هڪڙو ئي قاعدو آهي، تہ قتل ڪيو ويندو، سواءِ اُنهيءَ جي، جنهن ڏانهن پاڻ بادشاهہ پنهنجي سوني لٺ ڪڍي جهلي تہ انهيءَ کي جيئدان ملي: پر هنن ٽيهن ڏينهن ۾ بادشاهہ اندر اچڻ لاءِ مون کي نہ سڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 4:11
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري، جيڪڏهن اوهان کي سٺو لڳي تہ هڪڙو شاهي فرمان جاري ڪندي فارسين ۽ مادئين جي قانون جي ڪتاب ۾ اهو لکيو وڃي تہ جيئن ان کي وري نہ بدلائي سگھجي تہ ’راڻي وشتي وري ڪڏهن بہ شهنشاهہ اخسويرس جي سامهون نہ ايندي.‘ اوهين انهيءَ جو راڻيءَ وارو درجو پڻ ڪنهن ٻيءَ زال کي ڏيو جيڪا کانئس بهتر هجي.


هوءَ شام جو شهنشاهہ وٽ ويندي هئي ۽ صبح جو اُتان موٽي ٻئي حرم خاني ۾ ويندي هئي جتان جو ناظم شعشجز خواجہ‌سرا هوندو هو. هو شهنشاهہ جي سريتن جو نگران هو. اُها ڇوڪري وري ٻيهر شهنشاهہ وٽ موٽي نہ ويندي هئي، ايستائين جو شهنشاهہ انهيءَ مان پاڻ خوش هجي ۽ سندس نالو وٺي کيس ٻيهر نہ سڏائي.


مگر آستر هتاڪ کي سمجھائي حڪم ڏنو تہ وڃي مردڪئيءَ کي چوي تہ


جڏهن آستر جو اهو نياپو مردڪئيءَ کي ٻڌايو ويو


شهنشاهہ وري پڇيو تہ ”محل ۾ ڪو عملدار حاضر آهي؟“ انهيءَ ئي مهل هامان شهنشاهہ جي محل ۾ داخل ٿيو، تان‌تہ جيڪا ڦاهي مردڪئيءَ لاءِ ٺهرائي هئائين تنهن تي انهيءَ کي چاڙهڻ لاءِ شهنشاهہ سان ڳالهائي.


تڏهن شهنشاهہ پنهنجي سوني شاهي لٺ آستر ڏانهن وڌائي تہ آستر اُٿي شهنشاهہ جي اڳيان ٿي بيٺي.


جيڪڏهن اوهين مون کي اهو خواب نہ ٻڌائيندا، تہ اوهان سڀني لاءِ فقط اها ئي سزا آهي. اوهان منهنجي آڏو ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ جون ڳالهيون ڪندو رهڻ جي تياري ڪئي آهي، تہ جيئن ڀلي وقت ٽري وڃي. تنهنڪري اوهين ضرور مون کي خواب ٻڌايو، تہ جيئن مون کي خبر پوي تہ اوهين انهيءَ جو تعبير بہ بيان ڪري سگھندا.“


اي مڙ‌سؤ! اوهين بہ ساڳيءَ طرح پنهنجين زالن سان عقلمنديءَ سان هلو. عورت ذات کي پاڻ کان نازڪ سمجھي کيس عزت ڏيو ۽ ڄاڻو تہ اهي بہ نئين زندگيءَ جي نعمت ۾ اوهان سان گڏ وارث آهن. ائين ڪرڻ سان اوهان جون دعائون رڪجي نہ وينديون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ