Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 3:9 - Muslim Sindhi Bible

9 جيڪڏهن شهنشاهہ سلامت جي مرضي هجي تہ انهيءَ قوم کي ناس ڪرڻ لاءِ هڪڙو حڪم جاري ڪيو وڃي. آءٌ اهو ڪم ڪندڙن لاءِ ٽي لک ڪلوگرام چاندي شاهي خزاني ۾ جمع ڪرائيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 جيڪڏهن بادشاهہ جي مرضي هجي تہ اهڙو حڪم لکيو وڃي تہ انهن کي ناس ڪري ڇڏجي: ۽ آءٌ چانديءَ جا ڏهہ قنطار انهن ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيندس، جي بادشاهہ جو ڪم ڪار ٿا ڪن، تہ اُهي بادشاهہ جي خزانن ۾ پهچائي ڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 3:9
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابراهيم عِفرون جي ڳالهہ قبول ڪئي ۽ اوتري چاندي توري کيس ڏنائين، يعني چانديءَ جي چار سؤ سڪن برابر، جيڪي واپارين ۾ چالو هئا.


تڏهن شهنشاهہ پنهنجي آڱر مان مُهر واري منڊي لاهي يهودين جي دشمن هامان ولد همداتا اجاجيءَ کي ڏني.


پوءِ شهنشاهہ اخسويرس کي هامان چيو تہ ”هڪڙي قوم آهي جيڪا اوهان جي شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ ٽڙيل پکڙيل ۽ ٻين قومن کان الڳ‌ٿلڳ رهي ٿي. انهيءَ جا رسم وَ رواج ٻين سڀني قومن جي رسم وَ رواجن جي خلاف آهن ۽ اها قوم اوهان شهنشاهہ سلامت جي قانونن کي بہ ڪونہ ٿي مڃي. سو اها ڳالهہ اوهان جي حق ۾ ناهي تہ ان قوم کي ائين ئي ڇڏي ڏجي.


تڏهن جيڪي ڪجھہ مردڪئيءَ سان وهيو واپريو هو سو سڀ ڪجھہ هن کيس ٻڌايو. هن ان چانديءَ جي باري ۾ بہ کيس ٻڌايو جيڪا هامان يهودين جي تباهيءَ جي عيوض شاهي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ جو واعدو ڪيو هو.


انهيءَ سبب جو آءٌ ۽ منهنجي قوم مارجي ناس ٿي وڃڻ لاءِ تباهيءَ جي حوالي ڪيا ويا آهيون. جيڪڏهن اسان کي رڳو غلاميءَ ۾ اڇلايو وڃي ها تہ آءٌ ٻڙڪ بہ نہ ڪڇان ها ۽ اوهان کي تڪليف نہ ڏيان ها. پر اسين صفا ناس ٿيڻ تي آهيون.“


انهيءَ ئي وقت ڪجھہ رملين بادشاهہ نبوڪدنضر جي ويجھو اچي يهودين تي چغلي هڻندي


جڏهن هو حساب ڪتاب ڪرڻ لڳو تہ وٽس هڪ اهڙو نوڪر آندو ويو جنهن ڏانهن هن جا ڪروڙين چانديءَ جا سڪا قرض هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ